پاڪستانپنجاب

بي اعتمادي جي پڪل ديڳ مان ڪجهه ته نڪرندو: پرويز الاهي

لاهور: پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر چوڌري پرويز الاهي چيو آهي ته بي اعتمادي جي ايڏي وڏي ديڳ پَڪي آهي، ان مان ڪجهه ته نڪرندو. پنجاب اسيمبلي ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي ق ليگ اڳواڻ چوڌري پرويز الاهي چيو ته عمران خان سان ملاقات دوران بي اعتمادي رٿ تي ڪا ڳالهه نه ٿي ۽ نه هو ان معاملي تي گهٻرايل آهي. هن چيو ته عمران خان مهانگائي جي روڪٿام لاءِ سٺا قدم کنيا، پيٽرول ۽ بجلي جا اگهه گهٽ ٿيڻ سان عوام کي فائدو ٿيندو. هڪ سوال جي جواب ۾ سندس چوڻ هو ته ايندڙ 48 ڪلاڪن اهم هجڻ بابت فضل الرحمان ئي ٻڌائي سگهي ٿو، جڏهن ته ايڏي وڏي ديڳ پڪي آهي، ان مان ڪجهه ته نڪرندو، ديڳ ۾ سامان هلايو ويو، اڃا بس دونهون اٿي رهيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button