سنڌ

ڏهرڪي ۾ ڪينسر ۾ مبتلا ڳوٺاڻي جو قتل جي ڌمڪين خلاف احتجاج

ڏهرڪي ويجهو ڳوٺ فيض محمد پتافي جي رهواسي ڪينسر جي بيماري ۾ مبتلا ڳوٺاڻي عبدالعزيز پتافي قتل جي ڌمڪين خلاف احتجاج ڪيو. ان موقعي تي هن دانهيو ته هڪ سال اڳ موٽرسائيڪلن جو ڪاروبار ڪندو هئس، ان دوران گلاب شاهه ڪالوني واسي عامر پٽ محمد اسلم، ملڪ اڪرم ۽ عمران ملڪ وارن مونکان موٽر سائيڪلون ۽ موبائل فون ورتا، جن جي ماليت 6 لک 65 هزار آهي، انهن جي لکت مون وٽ موجود آهي پر رقم جي واپسي لا هڪ سال کان آسرا ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته 6 مهينا اڳ عامر ملڪ وارن جي ويجهي مائٽ جميل ملڪ رقم جي واپسي لا ضامن پئي مونکان اڪائونٽ نمبر ورتو پر هي رقم واپس ڪرائڻ بدران پنهنجو موبائل بند ڪري ڀريا فرار ٿي ويو، جنهن کانپو رقم گهرڻ تان عمران ۽ عامر ملڪ وارن مونکي قتل جون ڌمڪيون ڏنيون آهن. هن چيو ته مان ڪينسر جي مرض ۾ مبتلا آهيان، هاڻ موٽر سائيڪلن جو ڪاروبار ڇڏي ڏنو آهي، جنهن ڪري ٻچا بکون ڪاٽڻ ٿي مجبور آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button