اسلام آبادپاڪستان

آصف زرداري ۽ فضل الرحمان وچ ۾ ملاقات/ نوازشريف بي اعتمادي رٿ بابت اپوزيشن کي گرين سگنل ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد :سپريم ڪورٽ طرفان تاحيات نااهل قرار ڏنل مسلم ليگ ن جي سربراهه نواز شريف وزيراعظم عمران خان خلاف بي اعتمادي واري رٿ جي معاملي تي اپوزيشن کي گرين سگنل ڏئي ڇڏيو آهي. جڏهن ته اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان وچ ۾ ملاقات ٿي آهي، جنهن ۾ ڪو به حتمي فيصلو نه ٿي سگهيو آهي. ان ڏس ۾ ڪالهه اڳوڻو صدر آصف زرداري اسلام آباد ۾ پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان جي رهائشگاهه تي پهچي ويو، جتي ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ون آن ون ملاقات ٿي. ان موقعي تي وزيراعظم خلاف عدم اعتماد جي رٿ سميت ٻين مامرن تي ڳالهيون ٿيون.ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ موجوده سياسي صورتحال جي حوالي سا مشاورت ڪئي وئي. جڏهن ته اپوزيشن ۽ ٻين پارٽين سان رابطن ۽ حڪومتي اتحاد ۾ شامل سياسي پارٽين سان ملاقاتن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اڳواڻن حڪومت خلاف بي اعتمادي رٿ لاءِ مختلف آپشنز تي غور ڪيو ۽ ڪاميابي جو عزم ورجايو. جڏهن ته مولانا فضل الرحمان ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته آخري قدم تائين پهچي ويا آهيون، 2-3 ڏينهن جو ڪو فرق نٿو پوي، اسان جي دعويٰ آهي ته اڪثريت اسان سان گڏ آهي. چوڌري ڀائر شهباز شريف جي دعوت تي نه ويا، اهو ائين نه ٿيڻ گهرجي ها. هن چيو ته اهو طئي آهي ته عدم اعتماد جي رٿ آندي ويندي، شهباز شريف سان مشاورت جي ضرورت آهي. ڪو به ادارو يا ملڪ هاڻ عمران خان کي پاڪستان جو نمائندو نه چئي، آخري مرحلي ۾ پهچي ويا آهيون. اسان باحفاظت ميمبرن کي پارليامينٽ ۾ پهچائينداسين. گهڻو امڪان آهي ته اتحادي به اسان سان گڏ هوندا. تازو ئي آئيني ۽ قانوني ماهرن سان مشورو ٿيو آهي. ٻئي طرف ذريعن جو چوڻ آهي ته مسلم ليگ ن جي قائد نواز شريف شهباز شريف، مولانا فضل الرحمان ۽ آصف علي زرداري کي عمران خان خلاف بي اعتمادي واري رٿ آڻڻ لاءِ گرين سگنل ڏنو آهي. ذريعن موجب تحريڪ عدم اعتماد جي ڪاميابي سان مخالف ڌر جي ٽنهي پارٽين ۾ تڪڙي چونڊن تي اتفاق راءِ جو امڪان به پيدا ٿي ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پيپلز پارٽي فوري چونڊون ڪرائڻ بدران آئيني مدو پورو ڪرڻ تي بضد هئي ۽ حڪومت جي اتحادي پارٽين به آئيني مدو پورو ڪرڻ لاءِ چارٽر آف ڊيمانڊ ڏنو هو. ذريعن موجب ايم ڪيو ايم ۽ مسلم ليگ (ق) فوري چونڊون ڪرائڻ تي راضي نه هيون ۽ پيپلز پارٽي حڪومتي اتحادي پارٽين جي موقف جي حق ۾ هئي. هاڻي ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته وزيراعظم خلاف بي اعتمادي واري رٿ تي اپوزيشن ۾ موجود ڊيڊ لاڪ ختم ٿي ويو آهي ۽ پي ڊي ايم پيپلز پارٽي کي فوري چونڊون ڪرائڻ تي راضي ڪري ورتو آهي. هوڏانهن اپوزيشن حڪومت خلاف بي اعتمادي رِٿ ۽ قومي اسيمبلي جو اجلاس سڏائڻ لاءِ ريڪيوزيشن جو مسودو تيار ڪري ورتو آهي، جنهن سلسلي ۾ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف جي چئمبر کي الرٽ ڪيو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button