اسلام آبادپاڪستان

پارليامينٽ حملي ڪيس ۾ عارف علوي عدالت ۾ پيش،صدارتي ڇوٽ نه وٺندو

اسلام آباد :صدر عارف علوي پي ٽي وي ۽ پارليامينٽ تي حملي واري ڪيس ۾ صدارتي ڇوٽ نه وٺڻ لاءِ درخواست داخل ڪري ڇڏي.ڪالهه صدر ڊاڪٽر عارف علوي پارليامينٽ حملي ڪيس ۾ دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ٿيو. دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج محمد علي وڙائچ پارليامينٽ حملي ڪيس جي شنوائي ڪئي. صدر عارف علوي پنهنجي وڪيل بابر اعواڻ سان گڏ عدالت ۾ پيش ٿيو. صدر عارف علوي عدالت ۾ پيش ٿي صدارتي ڇوٽ نه وٺڻ جي درخواست جمع ڪرائي. صدر چيو ته مون اسلامي تاريخ جو مطالعو ڪيو، ڇوٽ جي ڪابه گنجائش نه آهي. پاڪستان جي آئين مون کي ڇوٽ ڏني پر آئون ڇوٽ نٿو وٺڻ چاهيان. پاڪستان جي آئين جو پابند آهيان. قرآن پاڪ هن کان وڏو آئين آهي. جيترا خليفا آيا اهي عدالتن ۾ وڏي باوقار انداز سان پيش ٿيا آهن. عارف علوي چيو ته 2016 ۾ منهنجي مٿان چارج لڳو هو. هن ئي عدالت مان ضمانت ورتي هئي. عدليا کان درخواست آهي ته جلدي فيصلو ٿئي، ڪيس ٿيندا آهن ان کان پوءِ ان جون نسلون اهو ڪيس هلائينديون آهن. منهنجي پي تي 77 ۾ ڪيس داخل ڪيو هو جيڪو اڃا تائين هلي رهيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button