پاڪستانسنڌ

شازيا عطا مري طرفان پشاور بم ڌماڪي جي مذمت

ڪراچي: پاڪستان پيپلزپارٽي پارليامينٽرينز جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري ۽ رڪن قومي اسيمبلي شازيا عطا مري پشاور بم ڌماڪي تي گھري ڏک ۽ سخت لفظن ۾ مذمت جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پشاور ۾ جمعي جي نماز دوران بم ڌماڪي جو واقعو انتهائي افسوسناڪ ۽ قابل مذمت عمل آهي ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي ان بزدلاڻي دھشتگردي جي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪري ٿي. ھن چيو ته پ پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پڻ پشاور ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي نيشنل ايڪشن پلان تي عمل نه ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button