اسلام آبادپاڪستان

پرڏيهي طاقتون پاڪستان جو امن خراب ڪرڻ چاهين ٿيون:شيخ رشيد

اسلام آباد:پشاور ڌماڪي کانپوءِ وزيراعظم عمران خان سان وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد اهم ملاقات ڪئي. ذريعن موجب شيخ رشيد وزيراعظم کي پشاور ڌماڪي بابت بريفنگ ڏني. ان سان گڏوگڏ هن پاڪستان جي دوري تي آيل آسٽريلوي ڪرڪيٽ ٽيم کي ڏنل سيڪيورٽي بابت به بريفنگ ڏني. وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته پرڏيهي طاقتون پاڪستان جو امن خراب ڪرڻ چاهين ٿيون. گهرو وزير پشاور ڌماڪي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته ڌماڪو المناڪ آهي، هي ملڪ کي ڪمزور ڪرڻ جي سازش آهي. مون چيف سيڪريٽري خيبرپختونخوا ۽ آءِ جي پوليس سان سان لاڳيتو رابطي ۾ آهيان. هن چيو ته ڌماڪي بابت ڪوبه ٿريٽ جاري نه ٿيو هو. ڌماڪو پاڪستان کي ڪمزور ڪرڻ واري سازش جو حصو آهي. شيخ رشيد چيو ته ڌماڪي ۾ اهي ماڻهو ملوث آهن جيڪي پاڪستان جي ترقي برداشت نٿا ڪري سگهن. پشاور ڌماڪي جي جاچ ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته خودڪش بمبار پهريان هڪ پوليس اهلڪار کي شهيد ڪري مسجد ۾ داخل ٿيو، ٻيو پوليس اهلڪار فائرنگ دوران زخمي ٿيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button