شھدادپور: شھدادپور جي نئين بستي جو رھواسي معصوم ٻارڙو 3 سالن جو مھيش پٽ ڀيمون ميگھواڙ گھر آڏو راند رھندي گٽر جي کڏي ۾ ڪري پيو، جنهن سبب هو فوت ٿي ويو. علائقي واسين معصوم ٻار جو گٽر مان لاش ڪڍيو، جنھن کي سمس اسپتال آندو ويو، ڊاڪٽرن جي تصديق کانپو وارث مڙهه کڻائي ويا. ياد رھي ته شھدادپور ميونسپل ڪميٽي ۽ جٽيا ٽائون کي سالانا ڪروڙين رپيا بجيٽ ملڻ باوجود گٽرن جي جا تي ڍڪ ناهن لڳايا ويا.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close