پاڪستانسنڌ

مٺي ۾ تقريب، 4 مارچ جي هيروز کي سلامي

مٺي: مٺي ۾ سنڌي اسٽونٽس آرگنائزيشن مرڪز پاران 4 مارچ شاگرد جدوجهد جي ڏهاڙي جي سلسلي ۾ ڪلچرل ڪامپليڪس هال ۾ تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ شاگردن شرڪت ڪئي. تقريب ۾ قومي گيتن تي رقص ۽ ٽيبلوز پيش ڪيا ويا، تقريب ۾ ايس ايس او جي 12 هين سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو. تقريب کي ايس ايس او جي مرڪزي صدر وجدان سيال، ليکڪ استاد نصير ڪنڀار، سينيئر صحافي ممتاز نهڙيو، شاگرد اڳواڻن نور جوکيو، ڪنور پرمار ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته 4 مارچ 1967ع جي شاگرد جدوجهد جي هيروز کي سلام پيش ڪريون ٿا، جن جي جدوجهد ۽ قرباني ون يونٽ خلاف هلندڙ تحريڪ کي سگهارو ڪيو ۽ سنڌ ۾ ون يونٽ کي دفن ڪري ڇڏيو. هنن چيو ته 4 مارچ جي شاگرد جدوجهد جو ڏينهن سنڌ جي سياسي تاريخ جو مثالي باب آھي، جيڪو هميشه ياد رکيو ويندو. هنن چيو ته انڊونيشيا جي صدر سوهارتو خلاف ۽ ويٽنام توڙي ٿائلينڊ کان وٺي مختلف ملڪن جي انقلابي تحريڪن ۾ شاگردن جو اڳواڻي وارو ڪردار رهيو آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button