پاڪستانسنڌ

سرهاڙي ۾ جوڙو دعوت تي گهرائي بيدردي سان قتل

سرھاڙي/ شهدادپور/گپچاڻي: سرهاڙي ۾ ناري جي وارثن جوڙي کي دعوت تي گهرائي بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو. رپورٽ موجب سرھاڙي ٿاڻي جي حد ڳوٺ حسن مگسي ۾ 2 سال اڳ پسند جو پرڻو ڪندڙ جوڙو ناري جي وارثن ھٿان دوکي سان دعوت تي گھرائي بيدردي سان قتل ٿي ويو. 27 ورهين جي رخسانه رند ۽ 30 سالن جي نوجوان فاروق بروھي کي گھر اندر بيدردي سان قتل ڪري جوابدار فرار ٿي ويا، ساڻن گڏ 8 مھينن جي نينگري افسانه معجزاڻي طور محفوظ رھي. نوجوان کي ڪهاڙين جا وار ڪري ۽ عورت کي گوليون هڻي ماريو ويو. مقتولن جي وارثن ميڊيا سان ڳالھائٔيندي چيو ته رخسانه جي پئ سڄڻ رند ۽ ڀائرن دوکي سان دعوت تي گهرائي کين قتل ڪيو آهي، دعوت تي گهرائي نياڻي رخسانه رند کي ڪھاڙين جا وار ڪري ۽ فاروق بروھي کي پسٽل جا فائٔر ڪري بيدردي سان قتل ڪيو آهي. فاروق بروھي جي سئٔوٽ ميڊيا کي ٻڌايو ته فاروق ۽ رخسانه رند 2 سال اڳ نوابشاهھ ڪورٽ ۾ پسند جو پرڻو ڪيو ھو، جھيڙي کي روڪڻ لا برادري طرفان رند برادري سان فيصلو ڪيو ويو ھو، جنهن ۾ رخسانه جي والد سڄڻ رند کي فيصلي مطابق 2 لک رپيا ڏنڊ ڀري ڏنو ھو، اسان جو رندن سان ٺاھه ٿي ويو ھو، جنهن جون لکتون موجود آهن، ان باوجود رخسانه جي والد سڄڻ رند فاروق کي فون ڪري ماني جي دعوت تي دوکي سان گھرائي گذريل رات دير سان پسٽل جا فائٔر ۽ ڪھاڙين جا وار ڪري گھر اندر قتل ڪيو. وارثن الزام ھڻندي چيو ته قتل جو ڪيس سڄڻ رند، طالب، صالح، ديدار، حميد، غلام علي، صديق، حسين بخش رند ۽ ٻين مٿان داخل ڪيو وڃي ۽ کين گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي. ھوڏانھن ڊي ايس پي شھدادپور محمد ايوب بروھي ۽ ايس ايڇ او سرھاڙي جي اڳواڻي ۾ لنڊو، مقصودو رند، گپچاڻي، سرھاڙي ۽ شھدادپور ٿاڻن جي پوليس گپچاڻي ۾ شفيع آباد لڳ ڳوٺ پير سرور شاهھ ۾ چڙھائي ڪري شڪ جي بنياد تي ٽن ڄڻن صلاح رند، ذوالفقار رند ۽ خان رند کي گرفتار ڪري ورتو. رابطو ڪرڻ تي ڊي ايس پي شھدادپور ايوب بروھي ٻڌايو ته واقعي جي ھر رخ کان جاچ ڪريون پيا، پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد قتل ڪيس جا مک جوابدار سوگھا ڪيا ويندا. مقتولن جي وارثن مطابق ڪيس داخل ڪيو ويندو. ھوڏانھن لاش شفيع آباد لڳ پير سرور شاهه پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button