پاڪستانسنڌ

يوڪرين ۾ ڦاٿل پاڪستاني شاگرد ڏيهه پهچي ويو، سفارتخاني خلاف شڪايتون

ڪراچي: يوڪرين ۾ ڦاٿل پاڪستاني شاگردن مان پهريون پاڪستاني شاگرد استنبول رستي ڏيهه واپس پهچي ويو، ڪراچي واسي جُنيد حسين 4 مهينا اڳ ميڊيڪل جي تعليم پرائڻ لاءِ يوڪرين ويو هو. گارڊن جو رهواسي جنيد حسين الاهي 4 مهينا اڳ ميڊيڪل جي تعليم لاءِ ويو هو، يوڪرين مان واپس آيل شاگرد چيو آهي ته شڪر آهي الله تعاليٰ مون کي اهڙي صورتحال مان ڪڍي وطن واپس موڪليو.

شاگرد جُنيد حسين وڌيڪ چيو ته يوڪرين ۾ ڪيترائي پاڪستاني شاگرد بي يارو مددگار آهن، يوڪرين ۾ پاڪستاني سفارتخاني جو ڪم ٻُڙي آهي، علائقي جي سينيٽر جو ٿورائتو آهيان، جنهن منهنجي ٽڪيٽ جو بندوبست ڪيو. هن چيو ته سفارتخاني طرفان چيو ويو ته رڳو 3 ڏينهن لاءِ رهائش ڏينداسين، ان کانپوءِ اسان جي ذميواري نه هوندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button