پاڪستانسنڌ

مٺي ۾ توانائي جي عالمي ڏهاڙي تي واڪ ۽ ريليون

مٺي: سڪار فائونڊيشن طرفان ماروِي گرامر جگديش ملاڻي ميموريل هاءِ اسڪول مٺي ۽ ٿر جي مختلف گوٺن ڏيسر جي ڍاڻي، ڀالوا، واهرون، ڏانو ڌانڌل ۽ بٺن تي انرجي جي بچت جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پروگرام ۽ واڪ ريلين جو اهتمام ڪيو ويو، جنهن ۾ سوين اسڪولن جي ٻارن، عورتن، مردن، نوجوانن ۽ بٺن تي ڪم ڪندڙ مزدورن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ماحولياتي ماهر ۽ سماجي اڳواڻ راجيش ڪمار سوني خطاب ڪندي چيو ته ملڪ ۾ وڌندڙ آبادي ۽ معاشي ترقيِ جي ڪري توانائي جي طلب ڏينهون ڏينهن وڌي رهيِ آهي، پاڪستان ۾ توانائي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت تمام گهڻي آهي، پر لائين لاسز، سسٽم جي خرابِي ۽ گهٽ بلنگ جي شرح جي ڪري 50 ملين ماڻهن کي آف گرڊ ۽ ڪمزور گرڊ وارن علائقن ۾ توانائي تائين رسائي نه هجڻ يا نه هجڻ سبب ڪيترن ئي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. ان موقعي تي ولي نوحاڻي چيو ته پاڪستان کي جرمن واچ پاران موسمياتي تبديلي جي لحاظ کان پنجون ڪمزور ملڪ قرار ڏنو ويو آهي، جنهن جو سبب موسمياتي تبديلي ۽ ان سبب پيدا ٿيندڙ آفتن جو پاڪستان تي اثر آهي. ناصرا راڻا چيو ته فوسل فيول توانائي مان صاف توانائي ڏانهن منتقل ٿيڻ سان پاڪستان جي موسمياتي خطرن ۾ گهٽتائي ايندي ۽ ملڪ خود ڪفيل ٿيندو. ريلين ۽ پروگرام ۾ صفدر عباس، اوم پرڪاش، ارجن سنجو ۽ ٻين خطاب ڪيو. ان موقعي تي سڪار فائونڊيشن ۽ ٻيلي کاتي جي سھڪار سان ٿر جي مختلف بٺن تي وڻ پڻ پوکيا ويا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button