رحيم يار خان: رحيم يار خان ۾ لانگ مارچ دوران پ پ اڳواڻ پاشا قاضي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران هن بلاول ڀٽُو کي جيالن جي آمد ۽ جوش جذبي بابت آگاهه ڪيو ۽ مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسلام آباد پهچڻ کان اڳ ئي نيازي سرڪار خوف ۾ وٺجي وئي آهي، جيالا تياري ڪري وٺن، ايندڙ حڪومت پ پ جي آهي. بعد ۾ جاري ڪيل بيان ۾ پاشا قاضي چيو ته پارٽي قائد سان ملاقات خوشگوار رهي. جيالا اسلام آباد پهچي حڪومت جو تختو ڪيرائي ڇڏيندا، نيازي سرڪار لانگ مارچ روڪڻ لا وڏيون سازشون ڪيون، حڪومتي سازشن کي ناڪام بڻايو ويندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close