حيدرآباد/مسوڀرڳڙي/ٽنڊوڄام: پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي اڄ ڪراچي ۾ “حقوق سنڌ” جي قافلي سان داخل ٿيڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته هو ڪراچي داخل ٿيڻ دوران سنڌ سرڪار کان سيڪيورٽي نه وٺندو. سندس سيڪيورٽي لاءِ پي ٽي آءِ جا ڪارڪنن ئي ڪافي آهن. ڪالهه حيدرآباد جي حيدر چوڪ ۽ مسوڀرڳڙي لڳ ڏيٿا اسٽيشن وٽ “حقوق سنڌ مارچ” جي جلسن کي خطاب ۽ جهيجو هائوس تي پريس ڪانفرنس دوران شاهه محمود قريشي چيو ته پيپلزپارٽي کي ملتان جي عوام رد ڪري ڇڏيو آهي. 2018ع ۾ پنجاب به پيپلزپارٽي کي رد ڪيو هو. هن چيو ته بدين ۾ هن تير ٽٽندي ۽ سنڌ جڙندي ڏٺي آهي. ايندڙ وقت ۾ هو سنڌ ۾ نئون سياسي سيلاب داخل ٿيندي ڏسي رهيو آهي ڇاڪاڻ ته سندن سنڌ حقوق مارچ بعد پيپلزپارٽي ۾ هاڻي گهارو پئجي چڪو آهي. هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري ڏکڻ پنجاب صوبو ٺاهڻ جو اعلان ڪيو آهي، جيڪا ڳالهه خوش آئين آهي ڇاڪاڻ ته ڏکڻ پنجاب صوبي جو نعرو عمران خان پي ٽي آءِ جي منشور تحت هنيو هو. عمران خان ڏکڻ پنجاب جي ٻارن کي نوڪرين ۾ ڪوٽا مختص ڪرڻ جو به چيو آهي جڏهن ته اتي ترقياتي ڪمن لاءِ به فنڊ رکيا ويا آهن.
هن چيو ته جيڪڏهن پ پ جنوبي پنجاب صوبي لاءِ سنجيده آهي ته هو کين دعوت ٿو ڏي ته شريڪ ٿي ان معاملي کي عملي جامو پارائين. شاهه محمود قريشي سنڌ حقوق مارچ جي حوالي سان چيو ته سندن مارچ عوامي آهي ۽ بلاول ڀٽو جو مارچ سرڪاري مارچ آهي، جتي فائر برگيڊ، ايمبولنس ۽ پوليس موبائيلن ۾ جهنڊا، پينافليڪس ۽ ٻيو سامان کنيو پيو وڃي. هن اپوزيشن تي تنقيد ڪندي چيو ته اپوزيشن غير سنجيده آهي جنهن ڪري ايوان ۾ هو ڪو به ڪم سرانجام نه ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته ڪراچي جي ٻيٽن تي ڊولپمينٽ ڪرائي پئي وئي، اتي به سنڌ سرڪار رڪاوٽ وڌي، پهرين کين اجازت ڏني وئي ۽ بعد ۾ اجازت نامو رد ڪيو ويو. هن پشاور واقعي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته ڪجهه قوتون ملڪ ۾ انتشار پکيڙڻ جي ناڪام سازش ڪري رهيون آهن پر کين ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو ويندو. پريس ڪانفرنس بعد جلسي کي خطاب دوران شاهه محمود قريشي چيو ته سنڌ ۾ پي ٽي آءِ تبديلي آڻيندي ڇاڪاڻ ته حقوق سنڌ مارچ دوران سنڌ ۾ کيس نئون سياسي سيلاب ايندي نظر اچي رهيو آهي. هن چيو ته سنڌ جي حالت تمام گهڻي خراب آهي. 15 سالن دوران بنيادي مسئلا حل نه ڪرايا ويا آهن. وزيراعظم جلد حيدرآباد ايندو ۽ هو حيدرآباد ۾ سنڌ جي عوام جي ڀلي لاءِ وڏو اعلان ڪندو. هن سنڌ واسين کي اپيل ڪئي ته هو 5 سالن لاءِ اعتبار ڪري پي ٽي آءِ کي ووٽ ڏين هو سنڌ ۽ عوام جي تقدير بدلائي ڇڏيندا.
شاهه محمود قريشي چيو ته سنڌ جو ماڻهو پاڻ چاهي ٿو ته تبديلي ضروري آهي. عمران خان ضروري آهي. شاهه محمود قريشي عوام کي مخاطب ٿيندي چيو ته عمران خان سنڌ واسين کي به صحت ڪارڊ ڏيڻ جو چيو هو پر ان ۾ به پيپلزپارٽي رڪاوٽ بڻيل آهي. 18هين ترميم کانپوءِ ڪيترائي معاملا صوبي کي ڏسڻا آهن پر ان باوجود عوام جو مسئلو حل ڪرڻ بدران رڳو ڪرپشن ڪئي وئي آهي. شاهه محمود قريشي جوشيلي انداز ۾ جلسي گاهه ۾ سنڌ ۾ تبديلي ضروري آهي، عمران خان ضروري آهي جا نعرا هڻائيندي دعويٰ ڪئي ته پي ٽي آءِ سنڌ ۾ ڪافي عرصي کان مصلحت پارٽي ۾ گهارو هڻي ڇڏيو آهي، جلد پي ٽي آءِ جو سمنڊ سنڌ ۾ داخل ٿيندو ڇاڪاڻ ته هو گذريل ڏينهن بدين ۾ تير کي ٽٽندي ۽ سنڌ کي جڙندي ڏٺو آهي. وفاقي وزير علي زيدي چيو ته پي ٽي آءِ تبديلي ۽ نئين پاڪستان جو نعرو هنيو هو جنهن کي ڪي پي ڪي ۽ پنجاب ۾ انهن پورو ڪري ڏيکاريو آهي. ٻنهي صوبن ۾ ماڻهن کي صحت ڪارڊ ڏنا ويا آهن. ان موقعي تي خاوند بخش جهيجو، ڪيو حاڪم ۽ ٻين به خطاب ڪيو.