پاڪستانسنڌ

ٽنڊوآدم ۾ سنڌ ثقافتي ميلو جاري، شاگردن ۾ مقابلا

ٽنڊوآدم: ٽنڊوآدم ۾ مهراڻ هسٽاريڪل اينڊ ڪلچرل ويلفيئر سوسائٽي پاران منعقد ٽن ڏينهن واري ڇهين سنڌ ثقافتي ميلو ٻئي ڏينهن به جاري رهيو. صبح جي وقت تعليمي سيشنز دوران شاگردن ۾ ڪوئز ۽ تقريري مقابلا ٿيا. سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن تي ٽيبلوز ۽ خاڪا پيش ڪري مسئلن جي نشاندهي ڪئي وئي. ميلي ۾ مختلف هنڌن تان مالوندم مختلف نسلن جون ڀلوڙ مينهون ڪاهي نمائش ۾ حصو ورتو. قديم راند ونجهوٽي جا مقابلا به ٿيا. ميلي ۾ ڪنڀارڪي، لوهارڪي ۽ واڍڪي ڪرت جي اسٽالن سميت ثقافتي شين جا اسٽال لڳايا ويا. فنڪاره سميرا علي، جئرام داس ۽ ٻين راڳ سان پنڊال ۾ ويٺل ماڻھن کي جهومائي ڇڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button