اسلام آباد :وزيراعظم عمران خان جو اهم ساٿي نديم افضل چن سندس ساٿ ڇڏي ويو، پ پ ۾ واپسيءَ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي.ذريعن موجب نديم افضل چن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان پنهنجي رهائشگاهه تي ملاقات دوران پ پ ۾ باقاعدي طور شموليت اختيار ڪندو. ان کان اڳ به هو پ پ ۾ رهي چڪو آهي، جڏهن ته 19 اپريل 2018 ۾ هن عمران خان سان ملاقات دوران تحريڪ انصاف ۾ شموليت اختيار ڪئي هئي، پوءِ کيس وزيراعظم جو ترجمان مقرر ڪيو ويو هو. ذريعن جو چوڻ آهي ته نديم افضل چن ۽ پ پ ۾ معاملا طئي ٿي ويا آهن، هو پ پ ۾ شموليت اختيار ڪندو ۽ لانگ مارچ ۾ به شريڪ ٿي ويندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close