اسلام آباد :وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد دعويٰ ڪندي چيو آهي ته پشاور ڌماڪي ۾ ملوث ٽنهي جوابدارن جي سڃاڻپ ٿي چڪي آهي.خيبرپختونخوا پوليس ۽ جاچ جا ادارا دهشتگردن تائين پهچي چڪا آهن. هڪ کان ٻن ڏينهن دوران جوابدارن تائين پهچي وينداسين. وفاقي گهرو وزير پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو ته جاچ ڪندڙ ادارن بهترين ڪم ڪيو آهي. افواهن ۽ ملڪ اندر تفرقي جون ڳالهيون ڪرڻ سان نقصان پهچندو آهي. هن وڌيڪ چيو ته گهرو وزارت ۾ نوازشريف طرفان پاسپورٽ جي ڪابه درخواست ناهي آئي. عدم اعتماد جو وڏو گوڙ ڪيو پيو وڃي. اپوزيشن طرفان اجلاس جي ريڪوزيشن جي درخواست به ناهي پهتي. اجلاس ريڪوزيشن جي درخواست ملڻ جي 14 ڏينهن اندر گهرائڻو هوندو آهي. اجلاس جي ريڪوزيشن ۽ عدم اعتماد رٿ ڌار ڌار شيون آهن. عدم اعتماد رٿ تي 2- 3 ڏينهن اسپيڪر وٽ هوندا آهن. اپوزيشن عوام ۾ غلط فهميون پيدا نه ڪري. شيخ رشيد چيو ته انشاءَالله عمران خان پنج سال پورا ڪندو. هي جيڪا به رٿ آڻيندا پهريان به کين شڪست ملي هئي، هاڻ به کين شڪست ئي ملندي. پاڪستان اڳيان وڌي رهيو آهي. بدنصيبي آهي ته ڪجهه ماڻهو ٻرندڙ باهه تي پيٽرول هاري ترقي جي رستي ۾ رنڊڪ وجهي رهيا آهن. شيخ رشيد وڌيڪ چيو ته پاڪستان پهچندڙ آسٽريلوي ڪرڪيٽ ٽيم جا سيڪيورٽي انتظام سخت ڪيا ويا آهن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close