اسلام آباد : اپوزيشن اتحاد پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ ن ليگ قائد نواز شريف وچ ۾ اهم ٽيليفونڪ رابطو ٿيو آهي.ذريعن موجب ٽيليفونڪ رابطي دوران وزيراعظم عمران خان خلاف بي اعتمادي رٿ جي معاملي تي مشاورت ڪئي وئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻنهي اڳواڻن نمبر گيم تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ذريعن موجب مولانا فضل الرحمان، نواز شريف کي اپوزيشن جي اڳڀرائي بابت آگاهه ڪيو. ٻنهي اڳواڻن موجوده حڪومت مان جلد کان جلد ڇوٽڪاري تي اتفاق ڪيو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close