ڪراچي : وفاقي ناڻي واري وزير سينيٽر شوڪت ترين چيو آهي ته ايف اي ٽي ايف پاڪستان کي گري لسٽ ۾ رکڻ جو فيصلو مخالف لابي جي دٻاءُ ۾ ڪيو آهي. هڪ پرڏيهي اخبار کي انٽرويو ڏيندي شوڪت ترين چيو ته مني لانڊرنگ روڪٿام لاءِ پاڪستان جي ڪارڪردگي تمام سٺي آهي. ايف اي ٽي ايف به اعتراف ڪيو ته پاڪستان 27 مان 26 حدف حاصل ڪيا. شوڪت ترين چيو ته 27 مان 26 حدف پورا ڪرڻ جي باوجود پاڪستان کي گري لسٽ ۾ رکڻ بنا جواز آهي. اعليٰ ڪارڪردگي تي پاڪستان جو حق هو ته ان کي گري لسٽ مان ڪڍيو وڃي. وفاقي وزير چيو ته ايف اي ٽي ايف پاڪستان جي معاملي ۾ ميرٽ تي فيصلو نه ڪيو. ايف اي ٽي ايف پاڪستان مخالف لابي جي دٻاءُ ۾ فيصلو ڪيو. شوڪت ترين اميد ڏيکاري ته پاڪستان هن سال ايف اي ٽي ايف جي گري لسٽ مان نڪري ويندو. واضح رهي ته ٻه ڏينهن اڳ ايف اي ٽي ايف جو اجلاس ٿيو هو، جنهن ۾ پاڪستان پاران دهشتگردن جي مالي مدد روڪڻ لاءِ کنيل قدمن جو جائزو ورتو ويو. ايف اي ٽي ايف پاڪستان کي وڌيڪ چئن مهينن لاءِ گري لسٽ ۾ رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close