پاڪستانسنڌ

ايندڙ ڏينهن اپوزيشن جا آهن،جوڪر مارچ جي آجيان ذلت سان ٿيندي:سعيد غني

ڪراچي :سنڌ جي اطلاعات ۽ ليبر کاتي واري وزير سعيد غني چيو آهي ته سياسي مخالفن جي تذليل جيتري پي ٽي آءِ ڪئي آهي، هن ملڪ ۾ ڪنهن نه ڪئي آهي. اصل مسئلو ريحام خان جو ڪتاب آهي، عمران خان صرف مراد سعيد جي عزت بچائڻ لاءِ پوري ملڪ جي زبان بند ڪرڻ چاهي ٿو. عمران خان جيڪو ڪنهن جي جنازي يا عيادت ڪرڻ نه ويندو آهي، پر هن چوڌري شجاعت جي 40 منٽ عيادت ڪئي. جهانگير ترين سان فون تي عيادت ڪئي ۽ ڪراچي اچي ڪري ايم ڪيو ايم يا جي ڊي اي وٽ وڃي رهيو آهي ته سمجهڻ گهرجي ته ” مختاران گل وڌ گئي هي ” . ڪراچي کان چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ شروع ڪيل تاريخي عوامي لانگ مارچ سموري سنڌ، سائوٿ ۽ سينٽرل پنجاب ۾ تاريخي استقبال ٿيو آهي، اهو ثابت ڪري ٿو ته عوام هاڻي عمران نيازي جي سليڪٽيڊ حڪومت کان بيزار آهي. ايندڙ ڏينهن هاڻي اپوزيشن جماعتن جا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن آچر ڏينهن ڪراچي ۾ پنهنجي ڪيمپ آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. ان موقعي تي پيپلز پارٽي جو رهنماءَ نجمي عالم به هن سان گڏ هو. سعيد غني چيو ته سڀ کان پهريان مان پشاور ۾ ٿيل دهشتگردي جي واقعي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪريان ٿو ۽ وفاق ڪي پي ڪي حڪومت کان مطالبو ڪريون ٿا ته دهشتگردن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي. هن چيو ته صحافي اطهر متين جي قاتلن ۾ ڪيترن ئي جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. جڏهن ته هڪ قاتل کي قمبر شهدادڪوٽ ۾ پوليس مقابلي ۾ ماريو ويو آهي. هن چيو ته اسان ان ڳالهه جي اطهر متين شهيد جي گهروارن ۽ پنهنجي صحافي برادري کي يقين ڏياريو هو ته سنڌ حڪومت ان ڪيس ۾ ملوث جوابدارن کي سخت سزا ڏياريندي ۽ انشاءَ الله هاڻي گرفتار جوابدارن کي عدالتن مان سزا ملندي. سعيد غني چيو ته آءُ سنڌ جي ماڻهن جو شڪريو ادا ڪريان ٿو جن هڪ طرف چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ ڪڍيل عوامي لانگ مارچ جو سموري سنڌ ۾ ڀرپور استقبال ڪيو ۽ ان قافلي جو حصو بڻيا ۽ ٻئي طرف پي ٽي آءِ جي جوڪر مارچ کي رد ڪري ڇڏيو. سعيد غني چيو ته جيڪڏهن ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائيم جي واقعن تي نالائق چون ٿا ته حڪومت کي گهر موڪليو وڃي، پر پشاور سانحي تي هو خاموش آهن. هن چيو ته سنڌ حڪومت جي خلاف بيان بازي ڪندڙن کي سوچڻ گهرجي ته اهڙا واقعا ڪٿي به ٿي سگهن ٿا. سعيد غني چيو ته پنجاب حڪومت ۽ اتان جي پوليس طرفان مارچ جي راهه ۾ رڪاوٽون وجهڻ ۽ پنجاب ۾ روڊ بلاڪ ڪري قافلي کي ٽوڙڻ جي سازشن جو شديد لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا. چيچه وطني ۾ قافلي جي آخري گاڏين تي پٿراءُ ڪيو ويو اهو به قابل مذمت آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته گهوٽڪي کان شروع ڪيل جوڪر مارچ جي حيدرآباد آمد تي صورتحال اها هئي ته پي ٽي آءِ جي ليڊرن کي به ڪجهه سون جو مجموعو ڏسي ڪري شرم ٿيو هوندو ۽ ڪنهن به خطاب نه ڪيو پر هڪ نا اهل وزير ڳالهايو. هن چيو ته اڄ هي جوڪر مارچ ڪراچي پهچندو هتي به هنن جو ذلت ڀريو استقبال ٿيندو ۽ هنن پنهنجي عزت بچائڻ جي لاءِ ايم ڪيو ايم سان ڪرائي تي ڪارڪنن کي طلب ڪيو آهي پر مونکي اميد آهي ته ايم ڪيو ايم جا ليڊر هنن کان ڀلي مال وٺن پر هنن جي ڪارڪنن جيڪي هاڻي خود ايم ڪيو ايم جي جلسن ۽ ريلين ۾ نه ويندا آهن، هتي به نه ايندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button