اسلام آبادپاڪستان

ڪرونا وگهي وڌيڪ 7 مريض فوت، 755 نوان ڪيس رپورٽ

اسلام آباد: پاڪستان ۾ ڪرونا وائرس وگهي وڌيڪ 7 مريض فوت ۽ 755 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي انگن اکرن مطابق پاڪستان ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 755 ڪيس ظاهر ٿيا آهن، وڌيڪ 886 مريض صحتياب ٿيا آهن. پاڪستان ۾ هن وقت تائين 30 هزار 265 ڪرونا وائرس جا مريض لاڏاڻو ڪري چڪا آهن. جڏهن ته ڪل مريضن جو انگ 15 لک 14 هزار 258 ٿي چڪو آهي. ملڪ ۾ اسپتالن، قرنطينا سينٽرز، وينٽي ليٽرز ۽ گهرن ۾ ڪرونا وائرس جا 29 هزار 611 علاج هيٺ ۽ مريضن مان 821 جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. انگن اکرن مطابق گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ملڪ ۾ ڪرونا وائرس جون وڌيڪ 37 هزار 661 ٽيسٽون ڪيون ويون. هن وقت تائين ڪل 2 ڪروڙ 66 لک 46 هزار 219 ڪرونا ٽيسٽون ٿي چڪيون آهن. سنڌ ۾ ڪرونا وائرس جي مريضن جو انگ 5 لک 69 هزار 978 ٿي چڪو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button