پاڪستانسنڌ

ننگرپارڪر ويجهو شڪارين ناياب نسل جا 2 هرڻ ماري ڇڏيا

ننگرپارڪر : ننگرپارڪر جي ڳوٺ پاٽيا لڳ شڪارين ٻه ناياب نسل جا هرڻ ماري ڇڏيا. ان ڏس ۾ ڪالهه ڳوٺاڻن پونم سنگهه ٺڪر، نيٻراج سنگھه اکجي، ڪرڻ سنگهھ ڏيپسنگھه، ڪانجي، رامسنگھه ڀيمسنگھه ٺڪر ۽ ٻين چيو آهي ته چار کان پنج شڪاري پوٽوهار جيپ ۾ سوار هئا، اهي ٻه ناياب نسل جا هرڻ شڪار ڪري پاڻ سان گڏ کڻي ويا. ڳوٺاڻن چيو ته وائلڊ لائيف جي عملدارن کي اطلاع ڏنو پر عملدار نه پهچڻ سبب ڪنهن به قسم جي ڪابه ڪاروائي نه ڪئي وئي. ڳوٺاڻن الزام هنيو ته وائلڊ لائيف عملو شڪارين سان ملي ڀڳت آھي. جڏهن ته شڪار بابت وائلڊ لائيف جي عملدارن کي ڪابه خبر نه پئجي سگھي، ڳوٺاڻن ان عمل خلاف احتجاج به ڪيو ۽ چيو ته وائلڊ لائيف عملدارن کي پاڻمرادو ڪارروائي ڪرڻ گهرجي پر ڳوٺاڻن پاران وائلڊ عملدارن اطلاع ڏيڻ باوجود وائلڊ لائيف عملدار فون بند ڪري سمهي رهيا ۽ واقعي کي 20 ڪلاڪ گذري وڃڻ ۽ ميڊيا ۾ خبرون هلڻ کانپو وائلڊ لائيف جا عملدار واقعي واري هنڌ نه پهتا. هوڏانهن ڊپٽي ڪنزويٽر رياض احمد رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته اسان جي وائلڊ لائيف جي ٽيم واقعي واري هنڌ تي پهتي آهي، جتي رت جا نشان ۽ گاڏي جي ٽائرن جا نشان مليا آهن. اسان جي جاچ هلي پئي ۽ اڄ تائين شڪارين خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button