عمرڪوٽ: عمرڪوٽ ۾ لوھارڪو ڪم ڪندڙ مزدورن ھٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي اجرت وڌائڻ لا احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب اڳيان نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي لوھي دري دروازا مزدور ايسوسيئيشن جي اڳواڻن جهامن لوھار، ليلو ڀيل، نرسنگھه لوھار، جور ڀيل، نارائڻ لوھار، موھن ڀيل، ڏيون ڀيل ۽ سليم چيو ته 10 سالن کان اسان جي مزدوري 6 رپيا ڪلو جي حساب سان ڏني ويندي آھي، مهانگائي چوٽ چڙهي وئي آهي، گهر مشڪل سان هلي ٿو. هنن اعلى عملدارن ۽ مالڪن کان گهر ڪئي ته اسان جي مزدوري ڇھن رپين کان وڌائي 8 رپيا في ڪلو ڪري سهولتون ڏنيون وڃن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close