پاڪستانسنڌ

ڄام نواز علي ۾ پرڻيل عورت اغوا، وارثن جو احتجاجي ڌرڻو

ڄام نواز علي: جام نواز علي ٿاڻي جي حد جمڙائو ڪئنال تي ويٺل ملاح برادري جي گهرن تي هٿياربندن چڙهائي ڪري ڏني، جنهن بعد هٿياربند هٿيارن جي زور تي 21 ورهين جي جوان پرڻيل عورت رحمت عرف ڪاري ملاح کي اغوا ڪري فرار ٿي ويا. واقعي بعد وارثن ناري جي ما رحيمان ملاح، گل محمد ملاح، عباس ملاح ۽ ٻين جمڙائو ڪئنال تي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو ۽ نعريبازي ڪئي. ان موقعي ناري جي وارثن چيو ته ولي محمد چانڊيو اسان جو جيئڻ جو جنجال ڪري ڇڏيو آهي، ولي محمد چانڊيو مختلف ذاتون سڏائي اسان کي تنگ ڪندو هو. رات پنهنجي ساٿين سان گڏجي ولي محمد چانڊيو گهر ۾ گهڙي هٿيارن جي زور تي پرڻيل نياڻي کي اغوا ڪري ويو آهي. رحيمان ملاح چيو ته جوابدار تر جي بااثر زميندار جو هاري ۽ وسيم چانڊيو منشي آهن، پر اسان جي ڪابه ڳالھه نٿو ٻڌي، منهنجي ڌي کي اغوا ڪري ويو آهي. هنن گهر ڪئي ته نياڻي کي بازياب ڪرائي جوابدارن خلاف قدم کنيو وڃي. هوڏانهن ايس ايڇ او ڄام نواز علي موڪل تي هئڻ ڪري ايس ايڇ او ٻيراڻي تنظيم وڳڻ جمڙائو ڪئنال تي ڌرڻي وارن سان ڳالهيون ڪري روڊ کولرايو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button