
شهدادپور: شھدادپور ويجهو ڳوٺ بهادر فقير لڳ نامعلوم ٽرين جو ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ ڳوٺ ڪامل لغاري جو رهواسي پورهيت 18 سالن جو نوجوان ڪنيو ڀيل پٽ لاکو فوت ٿي ويو، جنهن جو لاش شهدادپور سمس اسپتال آندو ويو. ان سلسلي ۾ سندس چاچي ڦوٽو جو چوڻ هو ته ڪنيو مزدوري تي ويل هو، خبر ناهي ته ڪئين حادثو پيش آيو آهي. هوڏانهن پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي.