پاڪستانسنڌ

سنڌ ثقافتي ميلو پڄاڻي تي پهتو، انعام ورهايا ويا

سانگهڙ/ ٽنڊوآدم: ٽنڊوآدم ۾ ٽن ڏينهن وارو ڇهون سنڌ ثقافتي ميلي پڄاڻي تي پهتو. آخري ڏينهن ناري سيشن جي تقريبن جي شروعات ناليواري ليکڪا پروفيسر بينظير جوڻيجو، پروفيسر عائشه خاتون ۽ پروفيسر نبيلا ميمڻ ربن ڪاٽي ڪئي. ان موقعي تي معزز مهمانن پروفيسر بينظير جوڻيجو، پروفيسر عائشه خاتون ۽ ٻين چيو ته سنڌ جي ثقافت هزارين سالن جي تاريخ رکي ٿي، هن قسم جا ميلا ئي اسان جي ثقافت جو اهڃاڻ آهن. مهراڻ هسٽاريڪل طرفان هن قسم جا پروگرام ڪرائڻ تي ميلي جي انتظاميا جس لهڻي. تعليم ۽ ثقافت کاتي جي عملدارن پاران شرڪت نه ڪرڻ تي افسوس آهي. ناري سيشن ۾ پرائمري کان يونيورسٽي سطح تائين شاگردياڻين ۾ ڪوئز ۽ تقريرن جا مقابلا منعقد ڪيا ويا. شاگردياڻين جي گروپن ثقافتي ٽيبلوز سمبارا، سهڻي ميهار، مومل راڻو، سسئي پنهون ۽ امر اڏيرولعل سميت سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن، تعليم، ثقافت ۽ عورتن جي حقن بابت خاڪا پيش ڪيا. شاگردياڻين ثقافتي ويس پهري وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ثقافتي ميلي ۾ مختلف سيشنز ۽ خاڪن ۾ معصوم ٻارن پڻ حصو ورتو، جنهن ۾ ڪونين فاطمه ساند بهترين ثقافتي ويس پهرڻ تي مقابلو کٽي ورتو. شاگردياڻين ۾ چيف آرگنائيزر آچر خاصخيلي روڪ انعام، شيلڊون ۽ ڪتاب ورهايا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button