مٺي: مٺي ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف شهري رستن تي نڪري آيا، مٺي ٿرڪول بائي پاس تي ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هنيو ويو،مٺي جي مختلف ڪالونين جي رهواسين وجئه ساگر، موهن ميگھواڙ، گلاب ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٿرڪول ڏانهن ويندڙ مين روڊ بند ڪري ڪيترائي ڪلاڪ ڌرڻو هنيو. هنن چيو ته مختلف ڪالونين ڌرماڻي، ٽاڀا، مئو پاڙي، ڪانجي ڪالوني، پانچا ڪالوني، شامداس ڪالوني ۽ ڪونڀا ڪالوني سميت ٻين پاڙن ۾ ٻن مهين کان مٺي پاڻي جي ڦڙي ڦڙي لاءِ پريشان آهيون، پر پبلڪ هيلٿ کاتي جا عملدار ٽئنڪر مافيا کي پاڻي وڪرو ڪري رهيا آهن، پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي جو انجنيئر من پسند ڪالونين کي پاڻي ڏئي رهيو آهي. هنن ضلعي انتظاميا کان مطالبو ڪيو ته اسان کي جلد پاڻي فراهم ڪيو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close