سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي صدر زين شاهه چيو آهي ته 8 مارچ عورتن جي سياسي سماجي ۽ معاشي حيثيت جي مڃتا جو ڏينهن آھي. اهو ڏهاڙو عورتن کي بااختيار بنائڻ جو پيغام ڏئي رهيو آهي. ھن ڏهاڙي جو بنيادي مقصد اھڙي معاشري جو قيام آهي، جنهن ۾ عورتن کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي ۽ کين روزگار، صحت ۽ تعليم جون سهولتون حاصل هجن. عورت امن ۽ ترقي جو نشان ۽ ضمانت آھي. ھڪ پرامن ۽ ترقي يافته معاشرو بڻائڻ لا عورت جو ھر شعبي ۾ اڳتي اچڻ ۽ عورت جي شرڪت ضروري آھي. عورتن جي اهميت ۽ معاشري جي جوڙجڪ ۾ سندن ڪردار کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته سنڌ ۾ عورت انتھائي ظلم ۽ جبر جو شڪار آھي. اڄ به عورتن مٿان ظلم ۽ بربريت جو سلسلو جاري آهي. اڄ به عورت کي نوڪري ڪرڻ کي ڏوهه سمجهيو وڃي ٿو. سنڌ ۾ عورت ڪيترين ئي اذيتن کي ڀوڳي رھي آھي. سنڌي عورت تي ظلم جو پهاڙ ٽوڙيو وڃي ٿو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close