پاڪستانسنڌ

دعا آهي ته بي اعتمادي رٿ ناڪام ٿي وڃي:ذوالفقار مرزا

سامارو: سنڌ جي اڳوڻي گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا چيو آهي ته وفاقي حڪومت خلاف عدم اعتماد جي رٿ ناڪام ٿيندي، سنڌي ماڻهن کي پنھنجي حقن جي حاصلات لاءِ ميدان تي اچي وڙھڻو پوندو، عمران خان حڪومت ۾ ايندي ئي سنڌ تي ڌيان ڏي ھا ته ھيستائين گھڻو ڪجهھ بھتر ٿي وڃي ها، ھاڻ به ڌيان ڏيڻ سان پي ٽي آئي کي ئي فائدو ٿيندو. سامارو ۾ مرحوم غلام مصطفيٰ خاصخيلي جي وفات تي سندس پٽ غلام مرتضى عرف راجا بابا خاصخيلي سان تعزيت ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا وڌيڪ چيو ته مرحوم سردار غلام مصطفى خاصخيلي عظيم ۽ بھادر ليڊر ھو، جنهن پنھنجي ٿوري ئي وقت ۾ محنت سان سياست ۾ وڏو نالو ٺاھيو. ھن چيو ته وفاقي حڪومت خلاف عدم اعتماد واري رٿ ناڪام ٿي ويندي، اسان جي دعا به آھي ته ناڪام ٿئي. موجوده پ پ ڦورن ۽ ڪرپٽن جي پارٽي بڻجي وئي آھي، جن بينظير ڀٽو سان گڏ قربانيون ڏنيون، موچڙا کائي اذيتون سٺيون، اھي سڀ ھن وقت پ پ مان ٻاھر ويٺل آھن، اسان پيرپاڳاري سان گڏ آھيون. ان موقعي تي غلام ابوبڪر خاصخيلي، بابر خان خاصخيلي، فيض محمد شاھاڻي، اسماعيل بلوچ، ڊاڪٽر لونگ خاصخيلي ۽ ٻيا موجود هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button