جهول: جهول ۾ نيشنل پريس ڪلب جھول جي اڳوڻي صدر مير مرتضى شر جي وارثن کي انصاف نه مليو. مقتول صحافي جي ڀينرن پ پ ضلعي سانگهڙ ليڊيز ونگ جي اڳواڻ بسم الله شر، حسرت شر ۽ ٻين ڀينرن توڙي مقتول جي ڀا فرديادي فراز شر ۽ سومار شر پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي. هنن چيو ته اسان سان ايڏو وڏو ظلم ٿيو آهي، پر افسوس پ پ جي ضلعي توڙي مرڪزي قيادت رابطو ناهي ڪيو، ايس ايڇ او جھول قاتلن کان پيسا وٺي ماٺ ڪري ويهي رهيو آهي، قاتلن جا وارث جيڪي گھر ڇڏي ڀڄي ويا ھئا، سي وري گھرن ۾ اسان جي سامهون ھٿيار کڻي ويھي رھيا آھن، جن مان خطرو آهي، اطلاع ڪرڻ تي ايس ايڇ او الٽو اسان مٿان ڪيس داخل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون، جوابدارن جا مائٽ پريس ڪانفرنسون ڪري اسان مٿان گھرن مان ڦرلٽ جا ڪوڙا الزام لڳائي رھيا آھن پوليس ڀوتارن جي چوڻ تي مير مرتضى جو خون لوڙهڻ چاهي ٿي. هنن بلاول ڀٽو زرداري، ڊي آئي جي شھيد بينظيرآباد ۽ ايس ايس پي سانگهڙ کان مطالبو ڪيو ته روپوش جوابدار ستارو شر کي گرفتار ڪري جوابدارن جي مائٽن کي اٿاري تحفظ فراهم ڪيو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close