پاڪستانسنڌ

اسٽريٽ ڪرائيمز، سنڌ پوليس جو جديد ٽيڪنالوجي جي استعمال جو فيصلو

ڪراچي: ڪراچي ۾ وڌندڙ اسٽريٽ ڪرائيمز کي منهن ڏيڻ لاءِ سنڌ پوليس جديد ٽيڪنالوجي مان فائدو وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ذريعن موجب ڏوهارين کي چٿڻ لاءِ سنڌ پوليس پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو اي ٽيگ ٽيڪنالوجي استعمال ڪندي، ايڊيشنل آئي جي ڪراچي اي ٽيڪنگ ڊوائيس جو مسودو تيار ڪري ورتو آهي، هي اي ٽيگنگ اسٽريٽ ڪرائيم ڪندڙ، گاڏيون، موٽر سائيڪلون، ۽ فون کسيندڙ، گهرن بئنڪن، دڪانن ۾ ڌاڙا ۽ ڦر ڪندڙ ماڻهن جي نگراني لاءِ ڪئي ويندي.

ڪجهه ڏينهن اڳ ڪراچي پوليس سنڌ حڪومت کي ڏوهارين جي اي ٽيڪنگ ڪرڻ جي سفارش ڪئي هئي ۽ 7 هزار کان وڌيڪ ڏوهارين جي اي ٽيڪنگ جو هڪ پلان شيئر ڪيو هو ان حوالي سان ايڊيشنل آئي جي ڪراچي غلام نبي ميمڻ ٻڌايو ته هاڻي ڏوهارين جي مانيٽرنگ لاءِ اي ٽيگنگ اڻٽر ٿي وئي آهي، سنڌ جي وڏي وزير جون مهربانيون هن اسان جي هر سفارش مڃي ورتي اٽڪل 11 هزار کان وڌيڪ ڏوهارين کي ڊوائيز لڳائي ويندي، ايڊيشنل آئي جي ڪراچي ٻڌايو ته دنيا ۾ ڏوهه ورجائيندڙ جوابدار کي اي ٽيگنگ ڪيو وڃي ٿو، آمريڪا، يورپ ۽ نار وارن ملڪن ۾ به هي نظام مشهور آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button