پاڪستانسنڌ

هاءِ ڪورٽ جو رهائشي، ڪمرشل ۽ رفاحي پلاٽن تان قبضو ختم ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ رهائشي، ڪمرشل ۽ رفاعي پلاٽن تان قبضو ختم ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي هدايت ڪئي آهي ته جن جا پلاٽ آهن، انهن کي ڪميٽي ۾ شامل ڪيو وڃي، عدالت ڊي جي ڪي ڊي اي، ڪمشنر ۽ ڊي آئي جي اوڀر کي طلب ڪندي ڪمشنر ڪراچي، ڊي جي ڪي ڊي اي ۽ ٻين اسٽيڪ هولڊرز کي ٽن ڏينهن ۾ اجلاس ڪوٺائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ڪالهه سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ گلستان جوهر ۾ زمين تي قبضي بابت ڪيس جي شنوائي ٿي. عدالت حڪمن تي عمل نه ڪرڻ تي ڄاڻايل اختيارين تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، شنوائي دوران ڊي جي ڪي ڊي اي جي جڳهه تي ڊائريڪٽر ڪي ڊي اي جي پيشي تي عدالت آفيسرن کي ڇنڊ پٽي ڇڏي. عدالت ريمارڪس ڏنا ته ڊائريڪٽر ڪي ڊي اي جي ڇا حيثيت آهي؟

قبضامافيا ته ان کي ڪٽڪو ڏنو هو، قبضو ڪندڙن ڊائريڪٽر ڪي ڊي اي کي روڪي ورتو هو ۽ ويهاري ڇڏيو. جسٽس حسن اظهر رضوي چيو ته پوليس کي گڏ وٺي وڃڻ بنا قبضو ختم ڪرائڻ هليو هو، ٻڌايو وڃي قبضو ختم ڪرڻ لاءِ ڪهڙا قدم کنيا ويا، ڊي جي ڪي ڊي اي پيش ڇو نه ٿيو، ڪي ڊي اي جي وڪيل ٻڌايو ته ڊي جي ڪي ڊي اي تازو ئي مقرر ٿيو آهي، جنهن تي جسٽس حسن اظهر رضوي چيو ته پيش ٿيڻ ۾ ڇا ٿو ٿئي. ان جي پيرن ۾ مهندي لڳل آهي ڇا، ڏٺو وڃي ته ڪي ڊي اي وٽ قبضو ختم ڪرائڻ جي صلاحيت نه آهي، سرڪاري وڪيل جواب ڏنو ته ڪمشنر ڪراچي ۾ اسٽيڪ هولڊرز جي ميٽنگ رکي وئي آهي. عدالت چيو ته ميٽنگ ۾ ڪجهه فيصلو ٿيو هوندو، ڪهڙا قدم کنيا ويا آهن؟ آفيس ٻاهران ويهي ته واپس نه اچي ويا آهيو؟ عدالت ڪي ڊي اي اختيارين کي چيو ته رڳو ڳالهيون نه ڪريو ٻڌايو قبضو ڪيئن ختم ڪرايو ويندو، قبصا مافيا کي ڪڍڻ لاءِ ڇا ڪرڻو پوندو، ڪو ٽائيم فريم ٺاهيو ته هوندو. خالي هٿ لڳائڻ سان ڪجهه نه ٿيندو، سرڪاري وڪيل جواب ڏنو ته علائقي ۾ 5 پوليس چوڪيون ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي هر پوليس چوڪي تي 4 کان 5 پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويندا، جنهن تي عدالت پڇا ڪئي ته ڪڏهن آپريشن ڪيو ويندو. پوليس ۽ رينجرز جي مدد جي ضرورت پوندي ته وٺي وڃو.

جسٽس حسن اظهر رضوي چيو ته قبضا مافيا ته جنگ جي تياري ڪري ڇڏي هوندي آهي، اڳ به کڏون کوٽي ڇڏيون هيون، ايس ايس پي ۽ ڊي آئي جي سطح جو آفيسر گڏ وٺي وڃو ۽ ڪم ڪريو، درخواست گذار طلعت اعجاز عدالت ۾ موقف پيش ڪيو ته عدالتي حڪمن جي باوجود لينڊ مافيا نه پئي مڙي، ڪي ڊي اي سميت لاڳاپيل ادارن جو ڪوئي آفيسر ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهي، عدالت پلاٽن کي خالي ڪرڻ بابت جامع پلان طلب ڪندي 30 ڏينهن ۾ قبضو ختم ڪرائي زمين آجي ڪرڻ جو به حڪم ڏنو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button