پاڪستانسنڌ

جهول ۾ هٿياربندن گوليون هڻي زميندار کي قتل ڪري ڇڏيو

جھول: جھول ۾ هٿياربندن گوليون هڻي زميندار کي قتل ڪري ڇڏيو. خبر موجب جھول ٿاڻي جي حد سبيل اسٽاپ وٽ نامعلوم ھٿياربندن ڳوٺ گلڻ خان ڀنڀرو جي رھواسي زميندار 45 سالن جي غلام رسول ڀنڀرو کي گوليون ھڻي فرار ٿي ويا، اسٽاپ تي موجود ماڻهن جي اطلاع تي پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي زخمي ٿيل زميندار کي کڻايو ۽ سول اسپتال سانگهڙ منتقل ڪيو، جتي گوليون لڳل زخمي زميندار دم ڏئي ڇڏيو. ھوڏانھن ذريعن موجب معلوم ٿيو آهي ته مقتول غلام رسول ڀنڀرو جو بڙدي ڏر سان زمين تان تڪرار ھلندڙ ھو. اھو به معلوم ٿيو ته زرعي زمين ميگھواڙ برادري جي ھئي، جيڪا بڙدي ڌر وٽ مقاطعي تي ھئي. ھوڏانھن پوليس ضروري قانوني ڪارروائي کانپو لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيو. قتل جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو. ٻئي طرف ايس ايڇ او جھول نياز حسين ڪلھوڙو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته قاتلن جي گرفتاري لا مختلف ھنڌن تي ڇاپا ھڻي رھيا آھيون، جلد مقتول جا قاتل گرفتار ڪيا ويندا، مقتول جا وارث ايندا ته ڪيس داخل ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button