
ٽنڊوآدم : ٽنڊوآدم ۽ ڀرپاسي رولو ۽ ڇتن ڪتن جو آزار وڌي ويو. 2 ٻارڙين سميت 4 ماڻهو زخمي ٿي پيا. ڳوٺ حاجي ساند ۾ 5 سالن جي ٻارڙي وجيش، گلزار ڪالوني ۾ 4 سالن جي سميرا ڌي بلاول، ڳوٺ غازي خان ڪاتيار ۾ 12 سالن جي انيتا ڌي مانجهي ۽ ڳوٺ حمل مري ۾ 51 سالن جي سائين بخش ولد عبدالحڪيم کي ڇتن ڪتن ڏاڙھي زخمي ڪري وڌو، جن کي تعلقي اسپتال آندو ويو، جتان کين ملم پٽي ڪري واپس گهر روانو ڪيو ويو.