ڪراچي: چيف سيڪريٽري سنڌ سيد ممتاز علي شاهه جي صدارت هيٺ جانورن ۾ ڦهلجڻ واري لمپي اسڪن جي بيماري جي حوالي سان اهم اجلاس ڪالهه سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ ٿيو. اجلاس ۾ سيڪريٽري لائيو اسٽاڪ، ڊائريڪٽر جنرل لائيو اسٽاڪ ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي. سيڪريٽري لائيو اسٽاڪ چيو ته پنجاب ۽ سنڌ ۾ جانورن ۾ چمڙي جي بيماري ظاهر ٿي آهي. صوبي ۾ هن وقت تائين 20 هزار 250 جانورن ۾ اها بيماري ظاهر ٿي چڪي آهي، جنهن ۾ ڪراچي ۾ 15 هزار 100، ٺٽي ۾ 3 هزار 781، حيدرآباد ۾ 149، بدين ۾ 656، ڄامشوري ۾ 85، خيرپور ۾ 121، سجاول ۾ 91، ٽنڊومحمدخان ۾ 2، مٽياري 64، شهيدبينظيرآباد ۾ 35، سانگهڙ ۾ 124، ٿاڻي بولاخان تي 36، قمبر-شهدادڪوٽ ۾ 4 جڏهن ته دادو ۾ 2 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.
اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته صوبي ۾ هن وقت تائين 54 جانور لمپي اسڪين سبب فوت ٿي چڪا آهن، جڏهن ته صوبي ۾ 4751 جانور لمپي اسڪن سبب صحتياب ٿي چڪا آهن. اجلاس ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته هي بيماري دنيا جي مختلف ملڪن ۾ 2012ع کان موجود آهي ۽ هن سال ڀارت، ايران ۽ هاڻي پاڪستان ۾ ظاهر ٿي آهي. اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ متاثر علائقن ۾ جانورن جي ويڪسينيشن ڪرڻ جو فيصلو ڪندي لائيو اسٽاڪ کاتي کي هدايت ڪئي ته لمپي اسڪن متاثر علائقن ۾ جانورن جي ويڪسينيشن ڪرڻ جون هدايتون ڪيون. هن چيو ته جانورن جي ويڪسينيشن سان گڏ چمڙي جون ٻيون دوائون پڻ ڏنيون وڃن ۽ متاثر علائقن مان جانورن جي اچ وڃ به بند ڪئي وڃي. هن لائيو اسٽاڪ اختيارين کي هدايت ڪئي ته هو ضلعي انتظاميا جي سهڪار سان ڍورن جي فارمن ۽ ڀرپاسي ۾ مڇرمار اسپري ڪن ۽ چوپائي مال مالڪن کي چمڙي (لمپي اسڪن) جي بيماري بابت آگاهي پڻ فراهم ڪن. اجلاس ۾ آفيسرن چيو ته اها بيماري جانورن کان انسانن ۾ منتقل ٿيڻ جا امڪان نه آهن. لائيو اسٽاڪ کاتي حيدرآباد ۾ هڪ هيلپ لائن ڊيسڪ (0229201913) پڻ قائم ڪئي آهي.