اسلام آبادپاڪستان

فاٽا پختونخوا ۾ شامل ڪرڻ خلاف درخواستن تي لارجر بئنچ جوڙڻ جو فيصلو

اسلام آباد :سپريم ڪورٽ 25 هين آئيني ترميم ذريعي فاٽا کي پختونخوا ۾ شامل ڪرڻ خلاف داخل درخواستن تي شنوائي لاءِ لارجر بئنچ جوڙڻ جو فيصلو ڪيو آهي. عدالت معاملي تي شنوائي رمضان المبارڪ تائين ملتوي ڪندي قرار ڏنو آهي ته درخواست گذارن طرفان آئين ۾ درج وفاقي ايڪن جي حيثيت تبديل نه ڪرڻ جو سوال اٿاريو ويو آهي. ڪيس ۾ اهم نقطو اهو به آهي ته پارليامينٽ جا آئين ۾ ترميم تي ڪهڙا اختيار ۽ حدون متعين ٿيل آهن. انهن سمورن سوالن جي جوابن تي تفصيلي دليلن ٻڌنداسين، ڪيس کي رمضان المبارڪ بعد لارجر بئنچ ٻڌندي. اربع ڏينهن چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بئنچ 25هين آئيني ترميم ذريعي فاٽا کي ڪي پي ڪي ۾ شامل ڪرڻ خلاف دائر درخواستن تي شنوائي ڪئي. چيف جسٽس عمر عطا بنديال سوال اٿاريو ته فاٽا انضمام سان قبائلي علائقن جي رهواسين جي صوبائي ۽ قومي اسيمبلي ۾ نمائندگي متاثر ٿي، جنهن تي اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته 25هين آئيني ترميم بعد وڏو مسئلو فاٽا جي نمائندن جي قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ۾ سيٽن جو هو. فاٽا جي نمائندن 25هين آئيني ترميم جي حمايت ڪئي هئي. آئين تحت ايگزيڪيوٽو آرڊر کان قبائلي علائقن کي ڪي پي ڪي جو شهري تصور ڪيو ويندو. ان دوران چيف جسٽس عمر عطا بنديال رمارڪس ڏنا ته فاٽا وارا چئي چڪا آهن، سندن تهذيب پختونخوا کان مختلف آهي. فاٽا وارن جو موقف آهي ته انهن جي ڌار حيثيت جو تحفظ ڪيو وڃي ۽ ترميم واپس ورتي وڃي. ان موقعي تي جسٽس محمد علي مظهر پڇاڻو ڪيو ته فاٽا انضمام سان اصل مسئلو ڪهڙو آهي؟ جسٽس عائشا ملڪ سوال اٿاريو ته ڇا پارليامينٽ آئين تحت ڏنل اختيار واپس وٺڻ وقت فاٽا جي عوام کان راءِ ورتي. جنهن تي اٽارني جنرل موقف اختيار ڪيو ته فاٽا انضمام کان اڳ جرڳي سان مشاورت ڪئي وئي هئي. آرٽيڪل 257 ۾ لکيل آهي ته جيڪڏهن ڪشمير آزاد رياست طور رهڻ چاهي ته ڪشميرين کان به راءِ ورتي وڃي. جنهن تي جسٽس محمد علي مظهر رمارڪس ڏنا ته ڪشمير جو مسئلو مختلف آهي. بعد ۾ سپريم ڪورٽ درخواستن تي شنوائي لاءِ لارجر بئنچ جوڙڻ جو فيصلو ڪندي معاملي کي رمضان المبارڪ بعد تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button