اسلام آبادپاڪستان

وزيراعظم کي يورپي يونين خلاف عوامي سطح تي ردعمل نه ڏيڻ گهرجي ها:شوڪت ترين

اسلام آباد: ناڻي واري وزير شوڪت ترين وزيراعظم عمران خان جي يورپي يونين بابت بيان سان اختلاف ڪري ڇڏيو. ڪالهه اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شوڪت ترين چيو ته وزيراعظم کي يورپي يونين خلاف عوامي طور تي ردعمل نه ڏيڻ گهرجي ها، يورپي يونين ۽ آمريڪا اسان جي برآمدن جي مارڪيٽ آهي.هن چيو ته مون کي نٿو لڳي ته اسان کي ان ڳالهه جي فڪر ڪرڻ گهرجي ته يورپي ملڪ اسان سان ڇا ڪندا. يورپي يونين جي نمائندن خط لکي روس خلاف ووٽ ڏيڻ جو چيو هو، جنهن تي وزيراعظم صرف پنهنجي جذبن جو اظهار ڪيو هو.يورپي يونين کي اهو نه چوڻ گهرجي ته پاڪستان ڇا ڪري، اهو وزيراعظم جو حق آهي ته پنهنجي ملڪ کي ڪيئن محفوظ رکي. هن چيو ته يورپي يونين ۽ آمريڪا اسان جي درآمدن جي مارڪيٽ آهن پر پاڪستان جي خودمختياري تي ڪا سوديبازي نه ڪنداسين، وزيراعظم جو حق آهي ته ان تي ڳالهائي، پنهنجي ملڪ جو وقار محفوظ رکي پر ان کي عوام سامهون اهڙيون ڳالهيون نه ڪرڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته گذريل ڪجهه ڏينهن کان سياسي گوڙ ٿي رهيو آهي، ملڪ جي سياسي ۽ عالمي حالتن سبب ڪيترائي معاملا دٻجي ويا، حڪومت پيٽرول ۽ بجلي ۾ رليف ڏنو، مهانگائي جي شرح گهٽ ٿي رهي آهي. پيٽرول سبسڊي تي آ ايم ايف کي اعتراض نه هجڻ گهرجي، اسان 104 ارب جي سبسڊي پنهنجي بجيٽ مان ڏئي رهيا آهيون. جيستائين صنعت ترقي نه ڪندي تيستائين ملڪ ترقي نه ڪندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button