ڪراچي: ڪراچي ۾ منگهو پير ٿاڻي جي پوليس کي اي جي ڪمپني جي ڀرسان هڪ مرد جو گوليون لڳل لاش ۽ ٻن عورتن جا ڦاهو ڏنل لاش هٿ آيا آهن، جن جي سڃاڻپ 23 ورهين جي نادر پٽ دلمراد، 19 ورهين جي حسينا زال عطا الله ۽ 14 ورهين جي حاجره ڌي مولا بخش جي نالن سان ٿي آهي، جن جي لاشن کي عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.
پوليس چيو آهي ته عورتن جا لاش زير تعمير گهر مان مليا آهن ۽ مرد جو لاش گهر ٻاهران جهاڙين مان مليو آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته ٽنهي کي غيرت جي نالي تي قتل ڪيو ويو آهي، ٽنهي جا لاش اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن ۽ وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون.