پاڪستانسنڌ

هاڻ منهنجي بندوق جو پهريون نشانو آصف زرداري هوندو: وزيراعظم عمران خان

ڪراچي: وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته هاڻي منهنجي بندوق جي پهرين نشاني تي آصف زرداري هوندو، 30 سالن تائين ملڪ جو رت چوسيندڙ چورن جو ٽولو منهنجي خلاف متحد ٿي ويو آهي، اهي ملڪ نه پنهنجو پاڻ کي بچائڻ نڪتا آهن، ان ٽولي جي خلاف جنگ صرف عمران خان جي نه پر ملڪ جي هر ٻار جي آهي، سڀني کي گڏجي انهن کي منطقي انجام تائين پهچائڻو آهي، بي اعتمادي رٿ چورن ۽ ڦورن جي ٽولي جي سياسي موت ثابت ٿيندي، مخالف ڌر اسان جي اسيمبلي ميمبرن کي 20، 20 ڪروڙ روپين جي آڇ ڪري رهي آهي، مخالف ڌر کي پريشاني آهي ته ملڪ صحيح رخ ۾ گامزن ٿي ويو آهي ان لاءِ بي اعتمادي رٿ کڻي آئي آهي، پاڪستان سڀني سان دوستي جو خواهشمند آهي ۽ ڪنهن به ملڪ جي خلاف نه آهي پر ڪنهن ملڪ کي اها اجازت نه ڏينداسين ته هو اسان جي ملڪ جي خلاف ڪي قدم کڻي، ڪير امن لاءِ نڪتو ته ان جو ساٿ ڏينداسين پر جنگ لاءِ ڪنهن جو ساٿ نه ڏينداسين. ڪالهه گورنر هائوس ڪراچي ۾ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته هو سنڌ جي عوام کي پيغام ڏيڻ چاهي ٿو ته آزادي جو وقت ويجهو اچي ويو آهي، الله کان دعا گهرندو هئس ته ڪهڙي به طرح هنن جي ڳچي منهنجي هٿ ۾ اچي. هن چيو ته اپوزيشن عدم اعتماد آڻي ڦاسي پئي آهي، عدم اعتماد اپوزيشن جو سياسي موت آهي، عدم اعتماد کٽڻ کانپوءِ هنن کي نه ڇڏيندس. پاڪستان ۾ ڊيزل ۽ پيٽرول دبئي کان به سستو آهي، جيتوڻيڪ اهي پاڻ تيل پيدا ڪن ٿا ۽ اسان کي گهرائڻو پوندو آهي، اسان جي عوام رڪارڊ ٽيڪس جمع ڪرايو آهي جنهن جي ڪري حڪومت عوام کي فائدو پهچايو آهي ۽ پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمت 10، 10 روپيا گهٽ ڪئي آهي ۽ مهانگائي جا اثر گهٽ ڪيا آهن.

وزيراعظم چيو ته ملڪ صحيح رخ ۾ گامزن آهي، جيستائين روانگي واپار ۾ اضافو نٿو ٿئي ملڪ جي آمدني نه وڌندي، حڪومت جي قدمن جي ڪري اڄ روانگي واپار، ٽيڪس اوڳاڙي ۽ مٽاسٽا جو ناڻو ملڪي تاريخ ۾ بلند ترين سطح تي آهن ۽ گذريل چئن سالن دوران فصلن جي رڪارڊ پيداوار ٿي آهي. هن چيو ته اڄ ملڪ صحيح رستي تي هلي رهيو آهي انهي ڪري شايد ڦورن جي گلدستي کي خوف آهي. ملڪ ڏيوالپڻي جي ويجهو هو، پهرين اسان مشڪل حالتن مان ملڪ کي ڪڍيو ۽ پوءِ ڪورونا جي بحران مان به ڪاميابي سان نڪتا آهيون، پوءِ جڏهن روپئي جي قيمت تي دٻاءُ وڌيو ۽ ڊالر ٻاهر وڃڻ شروع ٿي ويو ته ان صورتحال کان به الله تعاليٰ اسان کي بچايو، انهن کي اهو خوف آهي ته هي حڪومت هر مشڪل مان ڪاميابي سان نڪري اچي ٿي ته اسان جو ڇا ٿيندو. يوڪرين جي تڪرار جي ڪري ڪڻڪ، تيل، گئس ۽ ڪوئلي جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو آهي پر اسان پنهنجي قوم کي ان صورتحال کان بچائڻ ۾ به ڪامياب رهيا آهيون. وزيراعظم چيو ته مخالف ڌر بي اعتمادي رٿ جمع ڪرائي آهي ۽ انهن اُهو ڪم ڪيو آهي جنهن جي آئون دعا گهرندو هئس ته اهي ڪن، ڇو ته اها مشهور چوڻي آهي ته “گدڙ جي جڏهن موت ايندي آهي ته اهو شهر ڏانهن رخ ڪندو آهي” بي اعتمادي رٿ چورن جي ٽولي جو موت ثابت ٿيندي. وزيراعظم چيو ته سندس ڳاڻيٽو دنيا جي تاريخ ۾ پنج، ڇهه بهترين ڪپتانن ۾ ڪيو ويندو آهي ڇو ته ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ ڪپتان جي ڪاميابي جو راز اهو ئي هوندو آهي ته هو هر ڏينهن جي منصوبابندي ڪري پنهنجي ٽيم کي ڪامياب ڪرائيندو آهي، ان کي خبر هوندي آهي ته ميچ ڪيئن کٽڻو آهي، ڦورن ۽ چورن جي خلاف 25 سالن کان جدوججهد ڪري رهيو آهيان، اهو سياست نه جهاد آهي، ملڪ لاءِ چورن جي خلاف وڙهي رهيو آهيان، اهي هر ٻن مهينن کانپوءِ حڪومت جي وڃڻ جون ڳالهيون ڪندا آهن، ڪڏهن ڌرڻا هڻندا آهن، ڪڏهن لانگ مارچ ڪندا آهن، ملڪ جا اربين ڊالر چوري ڪري ٻاهر کڻي ويا آهن، آئون دعا ڪريان ٿو ته ڪهڙي به طرح انهن جو ڪنڌ منهنجي هٿ ۾ اچي وڃي، الله منهنجي ٻڌي، مخالف ڌر هڪ ٽريپ ۾ اچي وئي آهي، انهن جي رڳو بي اعتمادي رٿ ناڪام نه ٿيندي پر مون ان کان اڳتي جي به تياري ڪئي آهي، پهرين منهنجا هٿ ٻڌل هئا، ڪڏهن ڪرونا وائرس جي وبا ۽ ڪڏهن عالمي معاملا هئا، هاڻي آئون نه رڪندس، انهن جي پٺيان ويندس ۽ انهن کي نه ڇڏيندس. منهنجو پهريون هدف آصف علي زرداري هوندو، زرداري اهو ظالم ماڻهو آهي جيڪو پوليس کي پنهنجي مقصدن لاءِ استعمال ڪندو آهي، ڪميشن کائيندو آهي، چوري ڪري سڄي دنيا ۾ پئسو موڪليندو آهي.

وزيراعظم عمران خان آصف علي زرداري کي مخاطب ٿيندي چيو ته زرداري تنهنجو وقت اچي ويو آهي، منهنجي اسيمبلي ميمبرن مون کي ٻڌايو ته انهن کي 20، 20 ڪروڙ روپين جي آڇ ڪئي پئي وڃي ۽ هي پئسن جون ٽوڪريون کڻي پويان پويان ڦري رهيا آهن، مون کين چيو ته حرام جو پئسو آهي وٺي ڇڏيو ۽ ان مان ڪو يتيم خانو، لنگر خانو ۽ پناهگاهه کولي ڇڏيو. وزيراعظم چيو ته جڏهن نيب زرداري کي طلب ڪري ٿي ته ان جي چيلهه ۾سور ٿي پوي ٿو، ٻئي طرف مقصود چپڙاسي وارو شوباز بوٽ پالش ڪرڻ وارو آهي، اهو به زرداري سان گڏجي ويو آهي، ان کي به خبر پئجي وئي آهي ته ان جو به وقت اچي ويو آهي، اهو به ڪڏهن ڪورونا ۽ ڪڏهن چيلهه جي سُور جو بهانو بڻائي عدالتن مان ڀڄندو رهيو آهي، هن پنهنجي پٽ ۽ ناٺي جيڪي ملڪ کان ٻاهر ويٺل آهن، انهن کي اربين روپيا موڪليا آهن، انهن کان پئسو واپس آڻي بجلي جون قيمتون اڃا وڌيڪ گهٽ ڪندس، ايندڙ ڏينهن ۾ اهي جيل ۾ هوندا. وزيراعظم چيو ته فضل الرحمان به انهن سان مليل آهي جنهن جا اربين روپين جا اثاثا آهن پر ڪاروبار ڪو به نه آهي، انهن ٽنهي جون شڪلون ڏسڻ جهڙيون آهن جيڪي ملڪ بچائڻ نڪتا آهن، 30 سالن کان اهي ملڪ جو رت پيئندا رهيا آهن، هاڻي گڏجي ويا آهن، اهي ملڪ نه پر پنهنجو پاڻ کي بچائڻ نڪتا آهن. وزيراعظم چيو ته جڏهن فضل الرحمان کي نيب طلب ڪري ٿي ته هي چوي ٿو ته آئون 2 هزار ماڻهو وٺي ايندس، جيڪڏهن هي 2 هزار ماڻهو وٺي ايندو ته آئون هڪ لک ڪارڪن وٺي اچي سگهان ٿو. وزيراعظم چيو ته هاڻي آئون دير وڃي رهيان آهيان، ان کانپوءِ آچر تي حافظ آباد ويندس، سڄي قوم کي ٻڌائيندس ته چورن جي ٽولي جي خلاف جنگ رڳو عمران خان جي نه پر ملڪ جي ننڍي وڏي جي آهي، سڀني کي گڏجي انهن کي اتي پهچائڻو آهي جتي انهن کي تمام گهڻو اڳ ۾ پهچي وڃڻ گهربو هو.

وزيراعظم عمران خان آصف علي زرداري کي مشورو ڏنو ته هو پنهنجي پٽ بلاول ڀٽو کي گهٽ ۾ گهٽ اردو ته صحيح ڳالهائڻ سيکاري، انگريز به ٻن سالن ۾ اردو سکي ويندو آهي. وزيراعظم چيو ته 10 سالن ۾ جڏهن زرداري ۽ نواز شريف جي حڪومت رهي ملڪ ۾ 400 ڊرون حملا ٿيا پر انهن ڪڏهن به ان جي خلاف نه ڳالهايو ڇو ته انهن جو چوري جو پئسو ٻاهر پيل آهي ۽ اهي ان خدائن جي پوڄا ڪن ٿا جتي انهن جو پئسو آهي، اهي ملڪي مفاد لاءِ ڪڏهن به نه بيهندا. وزيراعظم چيو ته پاڪستان سڀني سان دوستي جو خواهشمند آهي ۽ ڪنهن ملڪ جي خلاف نه آهي پر ڪنهن ملڪ کي اها اجازت به نه ڏينداسين ته هو اسان جي ملڪ جي خلاف ڪي قدم کڻي، مون يورپي يونين کي ياد ڪرايو آهي ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪستان انهن جو اتحادي هو ۽ اسان ان جنگ ۾ 80 هزار جانين جي قرباني ڏني آهي، اسان جا قبائلي علائقا تباهه ٿي ويا، 35 لک ماڻهن کي لڏپلاڻ ڪرڻي پئي پر دنيا اسان جي ڪردار کي نه مڃيو، ڪير امن لاءِ نڪتو ته ان جو ساٿ ڏينداسين پر جنگ لاءِ ڪنهن جو ساٿ نه ڏينداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button