پاڪستانسنڌ

جهڏو وچ شهر ۾ هٿياربندن همراهه کي قتل ڪري ڇڏيو

جهڏو: جهڏو وچ شهر ۾ هٿياربندن همراهه کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. رپورٽ موجب جهڏو جي ڪڇي ڪالوني جي رهواسي 50 سالن جي اقبال پٽ خوشي محمد جٽ کي ٻن هٿياربندن ڪڇي ڪالوني جي اقصى مسجد وٽ گوليون هڻي بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو، اقبال جٽ جي قتل جي خبر شهر توڙي آسپاس جي علائقن ۾ باهھ جيان پکڙجي وئي، جنھن سبب شهر توڙي ٻهراڙي جي علائقن ۾ خوف ڇانئجي ويو، هٿياربند فرار ٿي ويا. ھوڏانھن اطلاع تي پوليس پهچي لاش تحويل ۾ وٺي رورل هيلٿ سينٽر آندو، جتان لاش پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد حوالي ڪيو، مقتول جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. ٻئي پاسي جهڏو ٿاڻي تي مقتول اقبال جٽ جي ڀا سردار جٽ جي فرياد تي 3 جوابدارن خلاف قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو. پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽرن چيو ته مقتول کي پوئين پاسي کان 2 گوليون ۽ هڪڙي ڄنگهھ سميت 3 گوليون لڳيون آهن، جنهن سبب موت ٿيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button