ٽنڊوآدم: ٽنڊوآدم جي ڀچا پاڙي ۾ چئن ورھين جي ٻارڙي اسمى کي گھٽي ۾ راند ڪندي اوچتو باھه لڳي وئي، جنهن کي وارثن پهچي کڻايو ۽ اسپتال وٺي آيا، جتي طبي امداد ملڻ کان اڳ نياڻي فوت ٿي وئي. ان سلسلي ۾ نينگري جي والد امداد ڀچو ٻڌايو ته ڪجهھ ڏينھن اڳ موليڏنو ڀچو وارن سان منھن ماري ٿي هئي، شڪ آھي ته موليڏني گھرڀاتين سان ملي منھنجي نياڻي کي باھه ڏئي ساڙي قتل ڪيو آهي. هن ايس ايس پي سانگهڙ ۽ ڊي سي کان گهر ڪئي ته واقعي جو نوٽيس وٺي شفاف جاچ ڪرائي مون سان انصاف ڪيو وڃي. هوڏانهن اطلاع ملڻ تي سٽي پوليس پھچي لاش کي تحويل ۾ ورتو ۽ اسپتال آندو، جتان پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close