ڪراچي: ايڊيشنل آئي جي دڪانن تان مفت ۾ کاڌي پيتي جون شيون وٺندڙ اهلڪارن کي آخري وارننگ ڏيندي ڪراچي جي ٽنهي زونن جي ڊي آئي جيز کي خط لکي ڇڏيو. خط ۾ چيو ويو آهي ته شڪايتون مليون آهن ته پوليس اهلڪار دڪانن تان کاڌي پيتي جون شيون مفت ۾ يا وري تمام گهڻي رياعت سان وٺن ٿا. پوليس اهلڪارن جو اهو عمل اختيارن جي ناجائز استعمال جي زمري ۾ اچي ٿو، مفت ۾ کاڌي پيتي جون شيون وٺڻ کي هڪ لحاظ کان ڀتو به چئي سگهجي ٿو. خط ۾ چيو ويو آهي ته اهلڪارن جو اهو عمل دڪاندارن ۽ عوام ۾ پوليس لاءِ نفرت جو سبب بڻجي ٿو، هي حڪم سڀني اهلڪارن تائين پهچايو وڃي ته اهي غيرقانوني ۽ غيراخلاقي سرگرمين کي ختم ڪن، شڪايت ملڻ تي سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close