اسلام ڪوٽ: اسلام ڪوٽ شهر کان ميهاري بجير ڏانهن ويندڙ روڊ جي ٻنهي پاسن کان آباد نجار ۽ پرڳڙو پاڙي کي ڏنل ڊرينيج اسڪيم واري گندي پاڻي جي اڳتي نيڪالي نه هجڻ ڪري شهر جو ڪنو پاڻي ڊرينيج اسڪيم اندر جمع ٿيڻ بعد اٿلي روڊن تي بيهي وڃي ٿو، جنهن سبب روڊ تي گوڏي جيڏو پاڻي بيٺل رهي ٿو. اُن سلسلي ۾ نجار ۽ پرڳڙو پاڙي جي رهواسين لالو ميگهواڙ، گوتم، کينپار، سريش ڪمار، گورڌن، جلال ميگهواڙ، وشنداس، وشولال ميگهواڙ ۽ ٻين گندگي خلاف مظاهرو ڪري ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، احتجاج ڪندڙن سخت نعريبازي ڪندي چيو ته اسان جي پاڙي کي گندي پاڻي جي نيڪالي لاءِ جيڪا اسڪيم ڏني وئي آهي، اُن جو گندو پاڻي اڳتي نيڪال ڪرڻ لاءِ ڪو رستو ناهي، جنهن سبب گندو پاڻي اٿلي روڊن تي اچي ويو آهي، جنهن سبب آزار ۾ آهيون، ميهاري بجير ڏانهن ويندڙ روڊ تي گوڏي جيڏو پاڻي بيٺل آهي، 10 سالن کان دانهون ۽ شڪايتون ڪري ٿڪجي پيا آهيون، پر ٽائون انتظاميا دانهن نه ٿي ٻڌي. هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي اسڪيم جو ڪم مڪمل ڪري گندي پاڻي جي نيڪالي جو رستو ڏنو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close