پاڪستانسنڌ

اڏيرولال ۾ قبرستان مان گندو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف ڳوٺاڻن جو مظاهرو

اڏيرولال: اوڏيرولال اسٽيشن لڳ ڳوٺ محمد ابڙا جو قديمي قبرستان گندي پاڻي جي ور چڙهي ويو، گندو پاڻي نيڪال نه ڪرائڻ خلاف ڳوٺاڻن رائو سردار راجپوت، ڌڻي بخش ڪوري ۽ جنيد راجپوت جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو. هنن صحافين کي ٻڌايو ته ڳوٺ ۾ ڊرينيج نظام نه هجڻ ڪري گٽرن جو گندو پاڻي قبرستان ۾ ڇوڙ ڪيو ويو آهي، جنهن سبب قبرون گٽرن جي گندي پاڻي جي ور چڙهي ويون آهن. علائقي ۾ تيل ۽ گئس جا ڪيترائي کوهه آهن، پر انهن جي رائلٽي خبر ناهي ته ڪٿي خرچ ڪئي وڃي ٿي، گندي پاڻي سبب مڇرن جو آزار وڌي ويو آهي. ڳوٺاڻن سپريم ڪورٽ ۽ ٻين اختيارين کان گهر ڪئي ته ڳوٺ ۾ ڊرينيج نظام ٺيڪ ڪري قبرستان مان گندو پاڻي نيڪال ڪرائي ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button