اڏيرولال: يوسي محمد حسين هنڱورو ۾ رولو ڇتن ڪتن جو آزار گهٽجي نه ٿي سگهيو. اسڪول ويندي پهرين ڪلاس جي شاگرد حضور بخش ولد محمد صديق کوسو کي رولو ڪتي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو. ساڳئي ئي ڏينهن ڏهين ڪلاس جي شاگرد ڳوٺ طاهر هنڱورو جي رهواسي خان محمد ولد خدا بخش کي رولو ڪتي ڏاڙهي زخمي ڪري وڌو، جن کي رورل هيلٿ سينٽر طاهر هنڱورو آندو ويو، جتي وئڪسين نه هجڻ سبب نوجوان کي مٽياري ريفر ڪيو ويو. هوڏانهن محمد صديق کوسو پنهنجي زخمي پٽ حضور بخش کي کڻي پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪيو. هنن چيو ته ڪافي وقت کان يوسي ۾ ڪابه ڪتا مار مهم شروع نه ٿيڻ سبب رولو ڪتن جا ولر معصوم ٻارن توڙي وڏن تي حملا ڪري رهيا آهن. هن اختيارين کان مطالبو ڪيو ته يوسي سيڪريٽري خلاف ڪارروائي ڪري ڪتا مار مهم شروع ڪئي وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close