اسلام آباد :خيبرپختونخوا ۾ مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي ۾ ضابطن جي ڀڃڪڙي تي اليڪشن ڪميشن وزيراعظم عمران خان کي نوٽيس اماڻڻ جو فيصلو ڪري ورتو. ذريعن موجب اليڪشن ڪميشن ڪي پي جي وڏي وزير محمود خان، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ اسد عمر کي به نوٽيس اماڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اليڪشن ڪميشن طرفان وفاقي وزير مراد سعيد ۽ انور زيب کي به نوٽيس اماڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته اليڪشن ڪميشن وزيراعظم کي دير جو دورو ڪرڻ کان روڪيو هو پر اليڪشن ڪميشن جي هدايت باوجود وزيراعظم دير ۾ عوامي ميڙاڪي کي خطاب ڪيو. ان معاملي تي اٽارني جنرل جو چوڻ آهي ته اليڪشن ڪميشن صدر جي جاري ڪيل آرڊيننس کي نظر انداز نٿي ڪري سگھي. آرڊيننس ۾ ڏنل سياسي سرگرمي جي اجازت کان روڪي نٿي سگھي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close