ملير: ملير ضلعي جي يوسي چنڊ پاڙو ۾ قائم گورنمينٽ بوائز سيڪنڊري اسڪول گهگهر ڦاٽڪ کي اپگريڊ ڪري هائير سيڪنڊري اسڪول جو بنياد 2004 ۾ رکيو ويو، هائير سيڪنڊري اسڪول 24 ڪمرن تي ٻڌل عمارت جو بنياد رکيو ويو، ڪروڙين رپين جي لاڳت خرچ ڪئي وئي پر 18 سال گذرڻ باوجود اسڪول جو ڪم اڄ ڏينهن تائين مڪمل نه ٿي سگهيو آهي، ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر، ورڪس ڊپارٽمينٽ ۽ ٺيڪيدار هن وقت تائين غائب ٿي ويا آهن.
علائقي جي سياسي ۽ سماجي اڳواڻن ايڊووڪيٽ فقير عبدالقادر شر، ايڊووڪيٽ رضا علي سنديلو، ايڊووڪيٽ رستم ميراڻي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته سنڌ حڪومت جي عدم دلچسپي لاپرواهي سبب گهگهر ڦاٽڪ وارو هائير سيڪنڊري اسڪول رولڙي جو شڪار آهي، اسڪول جي چارديواري ۾ پراڻي بلڊنگ مڪمل طور تي تباهه ۽ برباد ٿي وئي آهي، جنهن ۾ پڻ فرنيچر، پاڻي، اسٽاف سميت تعليم جون بنيادي ضرورتون اڻپوريون آهن، انهيءَ اسڪول کي اپگريڊ ڪري سيڪنڊري مان هائير سيڪنڊري ڪاغذن ۾ ته ڪيو ويو پر اهو صرف ڪروڙين رپيا هڙپ ڪرڻ لاءِ ڊرامو ڪيو ويو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته فوري طور تي اسڪول جي بلڊنگ جو ڪم مڪمل ڪيو وڃي.