اسلام آباد : وفاقي حڪومت پارليامينٽ لاجز جي سيڪيورٽي رينجرز ۽ ايف سي حوالي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان ڏس ۾ ڪالهه اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو ته جيڪو مليشيا جي لباس ۾ اسلام آباد آيو، ان کي نھ ڇڏيو ويندو. سيڪيورٽي کي پوليس رينجرز ۽ ايف سي حوالي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ڪالهه پيش آيل واقعي بابت ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته اسان پارليامينٽ لاجز جي ڪمري نمبر 401 کانسواءِ ٻئي ڪنهن به ڪمري تي نه کڙڪايو، اهو ڪمرو صلاح الدين جو آهي جنهن ۾ 20 ماڻھو ويٺا ھئا. گهرو وزير چيو ته مخالف ڌر جو خراب وقت اچي رهيو آهي. هو بي اعتمادي جي رٿ کان اڳ اسلام آباد ۾ ڪو واقعو چاهين ٿا، سندن سياست جو پتو صاف ٿي سگھي ٿو. آئون اهو نه ڏسندس ته ڪير ڪيترو وڏو ليڊر آهي يا ڪنهن پارٽي جو سربراهه آهي. وفاقي گهرو وزير چيو آهي ته دهشت نٿو پکيڙڻ چاهيان پر اسان وٽ اطلاع سٺا ناهن. سڀني کان وڌيڪ خطرو مون کي ۽ مولانا فضل الرحمان کي آهي. گذريل ڏينهن جيڪو واقعو ٿيو ان جي مذمت ڪريون ٿا. پارليامينٽ لاجز ۾ 362 فيمليون رهن ٿيون. 50 ماڻهن کي لاجز ۾ داخل ڪيو ويو. اسان 5 ڪلاڪ ڳالهيون ڪيون. ڪامران مرتضيٰ پوليس بابت انتهائي ڪريل زبان استعمال ڪئي، پوليس مٿان تشدد ڪيو ويو جنهن سبب 6 ڄڻا زخمي ٿيا. پوليس وارا هنن کي منٿون ڪندا رهيا. اسان ڪنهن جي خلاف به دهشتگردي جو ڪيس داخل ناهي ڪيو. اڃان ٽريلر جي طور تي پرچو ڪٽيو، جيڪڏهن هنن ٻيهر قانون کي هٿ ۾ کنيو ته سندن هٿن ۾ دهشتگردي جا پرچا هوندا.گهرو وزير ٻڌايو ته اسلام آباد بهاره ڪهو ۾ پوليس جي ڪارروائي دوران دهشتگرد گروپ گرفتار ڪيو ويو. دهشتگردي نٿو پکيڙڻ چاهيان پر اطلاع ڪجهه سٺا ناهن. اطلاع آهن ته مولانا فضل الرحمان ۽ شيخ رشيد کي وڌيڪ خطرو آهي. اوهان جي ڪنهن به ايم اين اي کي سيڪيورٽي گهرجي ته اسان کي ٻڌائي. اپوزيشن وارا قانون کي هٿ ۾ نه کڻن غلطي ڪندو ته اوهان خساري ۾ رهندو. جيڪڏهن ڪنهن به قانون کي هٿ ۾ کنيو ته چيڀاٽي ڇڏيندس. مان سمورن اپوزيشن اڳواڻن کي درخواست ڪريان ٿو ته ڪنهن به غلط فهمي جو شڪار نه ٿين. شيخ رشيد چيو ته آءِ جي ڪي پي کي هدايت ڪئي آهي ته ڪوبه ماڻهو يونيفارم ۾ اسلام آباد نه اچي. مليشاءَ جي ڪپڙن ۾ جيڪو به اسلام آباد آيو ان کي نه ڇڏيندس. مان اهو نه ڏيندس ته ڪير ڪيترو وڏو اڳواڻ آهي يا ڪنهن پارٽي جو سربراهه آهي. ڪنهن کي به سيڪيورٽي گهرجي ته اسان کي ٻڌائي مولانا کي درخواست آهي ته مدرسي جي شاگردن کي استعمال نه ڪري. هنن احتجاج جو سڏ واپس وٺي سٺو ڪيو. نوازشريف ۽ آصف زرداري مولانا فضل الرحمان کي استعمال ڪري رهيا آهن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close