اسلام آباد : سُڌ سماءُ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته اپوزيشن بنا سوچڻ سمجهڻ جي بي اعتمادي رٿ آڻي سياست ۾ رنجشون پيدا ڪري رهي آهي. وڙهڻ ڏکيو ناهي هوندو پر ٺاهه ڪرڻ ڏکيو ٿي ويندو آهي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ تي ٽوئيٽ ڪندي فواد چوڌري چيو آهي ته جمهوري نظام اتفاق راءِ تي ٻڌل هوندو آهي. ايتري ورهاست نه ٿئي جو بعد ۾ ڳالهائڻ ڏکيو ٿي وڃي. هن چيو آهي ته مخالف ڌر جي بنا سوچڻ سمجهڻ جي بي اعتمادي رٿ سياست ۾ تخليون پيدا ڪري ڇڏيون. اطلاعات واري وفاقي وزير ڪالهه ڇنڇر ڏينهن پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو ته جمهوريت ايتري انتهائي ورڇ جو نظام نه آهي، ان ۾ گهٽ ۾ گهٽ اتفاق راءِ تي نظام قائم هوندو آهي. هن چيو ته آئون سمجهان ٿو ايتري ورڇ نه ٿئي جو ڪنهن به سبب جي ڪري ڳالهه ٻولهه ئي مشڪل ٿي وڃي، وڙهڻ مشڪل نه آهي بعد ۾ صلح مشڪل هوندي آهي. فواد چوڌري چيو ته بي اعتمادي سياست ۾ تڪرار پيدا ڪري ڇڏيو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close