اسلام آبادپاڪستانپنجاب

حڪومتي اتحاد ڇڏڻ جو امڪان،اڄ حتمي فيصلو ڪيو ويندو:ق ليگ

اسلام آباد/لاهور:وزيراعظم عمران خان خلاف اپوزيشن طرفان بي اعتمادي جي رٿ آڻڻ واري معاملي بعد سياسي صورتحال بدلجڻ لڳي آهي ۽ حڪومتي اتحادين توڙي اپوزيشن رابطا ۽ سرگرميون وڌائي ڇڏيون آهن. ان ڏس ۾ ڪالهه ق ليگ سربراهه چوڌري شجاعت چيو آهي ته بي اعتمادي جي معاملي تي اسان ڪنهن به مونجهاري جو شڪار ناهيون. اپوزيشن جي بي اعتمادي رٿ جي معاملي تي ق ليگ جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده سياسي صورتحال ۽ رابطن تي مشاورت ڪئي وئي. اجلاس ۾ ق ليگ جي سينيئر قيادت به موجود هئي، جڏهن ته مشاورت لاءِ اڄ به اجلاس گهرايو ويو.ذريعن موجب اجلاس ۾ بي اعتمادي بابت وڌيڪ مشاورت ۽ اتحادين سان رابطو ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ان حوالي سان چوڌري شجاعت جو چوڻ هو ته ق ليگ ڪنهن به مونجهاري ۾ ناهي، اڄ اجلاس ۾ حتمي فيصلي جو امڪان آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ق ليگ کي حڪومت اڃا تائين مطمئن ناهي ڪري سگهي. ق ليگ ۽ حڪومت ۾ گذريل ڏينهن ٿيندڙ ڳالهين جو به نتيجو نه نڪتو، جنهن سبب ق ليگ طرفان حڪومتي اتحاد ڇڏڻ جو چٽو امڪان آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button