اسلام آباد :ملڪي گادي واي شهر اسلام آباد ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف طرفان جلسي جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ان ڏس ۾ وزيراعظم 10 لک ماڻهن کي گڏ ڪرڻ جو ٽاسڪ به ڏئي ڇڏيو. وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته عدم اعتماد رٿ ۾ اپوزيشن کي شڪست ملندي، پارٽي سان خيانت ڪندڙن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. پاڪستان تحريڪ انصاف اسلام آباد ۾ ڀرپور طاقت ڏيکارڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ذريعن موجب وزيراعظم پارٽي اڳواڻن کي اسلام آباد ۾ 10 لک ماڻهن کي گڏ ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏنو. ذريعن جو چوڻ آهي ته اسلام آباد، راولپنڊي ۽ چڪوال جي اسيمبلي ميمبرن سان ملاقاتن ۾ حتمي پروگرام تي ڪم ڪيو ويو. جڏهن ته وزيراعظم اسلام آباد جي تنظيم کي ميزباني جو ٽاسڪ ڏنو. ذريعن موجب جلسو بي اعتمادي رٿ ووٽنگ کان هڪ ڏينهن اڳ ڪيو ويندو. ڪالهه وزيراعظم عمران خان سان سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير علي حيدر زيدي ۽ پشاور، اسلام آباد، راولپنڊي ۽ چڪوال سان تعلق رکندڙ قومي اسيمبلي ميمبرن ۽ عورتن جي مخصوص سيٽن تي چونڊيل اسيمبلي ميمبرن سان جدا جدا ملاقات ڪئي.ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت جي ڪامياب معاشي پاليسين جي ڪري ورثي ۾ مليل ڏيوالپڻي واري معيشت کي استحڪام مليو ۽ قومي معيشت هاڻي پائيدار واڌ ويجهه جي راهه تي گامزن آهي. وزيراعظم چونڊيل نمائندن کي عوام سان پنهنجو رابطو مضبوط ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي آهي ته جيئن عوام ۾ سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ جاري مختلف سرڪاري اسڪيمن بابت وڌ کان وڌ آگاهي پيدا ڪري سگهجي. وزيراعظم انهن کي ماڻهن کي اها حقيقت باور ڪرائڻ جي پڻ هدايت ڪئي ته حڪومت انهن جي پريشانين کان پوري طرح آگاهه آهي ۽ عالمي منڊين ۾ ضرورت جي شين جي قيمتن ۾ ٿيندڙ تاريخي اضافي جي ڪري درآمدي مهانگائي جي منفي اثرن کان انهن کي بچائڻ جي لاءِ سمورا ممڪن قدم کڻي رهي آهي. انهن عوام دوست قدمن ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جي في لٽر قيمت ۾ 10 رپين جي گهٽتائي ۽ بجلي جي في يونٽ قيمت ۾ 5 رپيا جي گهٽتائي شامل آهي. وزيراعظم چيو ته حڪومت انفارميشن ٽيڪنالاجي جي فروغ ۽ نوجوانن جي لاءِ روزگار جا موقعا وڌائڻ جي لاءِ ڪيترائي قدم کنيا جن ۾ آءِ ٽي ڪمپنيز ۽ فري لانسرز جي لاءِ 100 سيڪڙو ٽيڪس ڇوٽ، 100 سيڪڙو غيرملڪي ڪرنسي رکڻ جي اجازت ۽ آءِ ٽي اسٽارٽ اپس ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ ڪيپيٽل گين ٽيڪس تان 100 سيڪڙو جي ڇوٽ شامل آهي. وزيراعظم سان ملاقات ڪندڙن ۾ پشاور مان شوڪت علي ۽ شير علي ارباب، اسلام آباد مان راجا خرم شهزاد نواز ۽ علي نواز اعواڻ، راولپنڊي ۽ چڪوال مان راشد شفيق، منصور حيات خان ۽ ذوالفقار علي خان ۽ عورتن جي مخصوص سيٽن تي چونڊيل قومي اسيمبلي ميمبرن ڪنول شوزب، بيگم شاهين سيف الله طورو، نفيسا عنايت الله خٽڪ ۽ نورين فاروق ابراهيم شامل هيون. اڳوڻي قومي اسيمبلي ميمبر چوڌري اشفاق، حاجي محمد يونس علي انصاري ۽ چيَن ون جي سي اي او ميان ڪاشف اشفاق پڻ وزيراعظم سان ملاقات ڪئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close